سرحد ۾اسڪوال جي تعميراتي ڪم تان ٻن استادن ۾ جهيڙو

سرحد (ن ع آ) سرحد جي مين پرائمري اسڪول ۾ ٻن استادن اظهر الدين سومرو ۽ محمد حنيف ملڪ وچ ۾ اسڪول جي تعميراتي ڪم دوران آفيس ۽ روم ڊاهڻ جي معاملي تان منهن ماري ٿي پئي جنهن دوران  ٻنهي استادن جو پاڻ جهيڙو پڻ ٿي پيو، جهڙي دوران ٻنهي استادن کي ڌڪ پڻ لڳا استادن ۾ جهيڙي بعد اردو سيشن جي استاد محمد حنيف ملڪ صحافين کي ٻڌايو ته استاد اظهر الدين سومرو ناحق حملو ڪري مونکي ڏنڊا هنيا آھن،

 حيدر آباد عدالت پاران قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڦاهي جي سزا

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي عدالت، قتل ڪيس ۾ ھڪ جوابدار کي ڦاھي جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ نمبر ھڪ، قتل ڪيس ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ  ي جوابدار عبدالحق عرف بجلي کي ڦاھي جي سزا ٻڌائي، عدالت، جوابدار تي ھڪ لک رپيا ڏنڊ به وڌو جيڪو نه ڀرڻ جي صورت ۾ ھو وڌيڪ 6 مھينا قيد ڪاٽيندو، جوابدار خلاف 2010 ۾ ھٽڙي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، جنھن ۾ مٿس الزام ھو ته ھن سياسي جھيڙي دوران فائرنگ ڪري وزير علي نالي ھمراھ کي قتل ڪيو ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.