گپچاڻي لڳ نوجوان جي مبينا خودڪشي، زهر ڏئي مارڻ جو الزام

گپچاڻي ( ن ع آ  ) گپچاڻي ڀرسان نوجوان زهريلي جيت مار دوا پي مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي  وارثن پاران ساهرن تي مارڻ جو الزام خبر موجب گپچاڻي ڀرسان ڳوٺ غلام محمد زرداري جو رهواسي  شادي شده نوجوان اعجاز پٽ مينهان خان زرداري گهرو اڻبڻت تان جيت مار دوا پي ڇڏي جنهن کي نواب شاھ جي پي ايم يو اسپتال نيو ويو جتي هو فوت ٿي ويو واقعي جو گپچاڻي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو  ضروري ڪاروائي ڪرڻ بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي  هوڏانهن  فوتي نوجوان جي والد مينهان خان زرداري ٻڌايو تہ سندس  پٽ ساهرن جي گهر هو کيس کي صدورو ۽ يعقوب وارن  زهر ڏيئي ماريو آھي  ٻي پاسي الزام هيٺ آيل صدور زرداري رابطي تي ٻڌايو تہ نوجوان پنهنجي گهر زهر پيتو آھي اسان مٿان ڪوڙو الزام هڻي اسان کي بي گناھ  ڦاسايو پيو وڃي ۔
سنگل ڪالم

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.