ڊگهڙي ڀرسان پيرسن ڦاهو کائي انت آندو

ڊگھڙي (ن ع آ)ڊگهڙي ڀرسان ڳوٺ ديھ۔173 ۾ 78ورهين جي پيرسن شوڌان ولد هٺيو ڪولهي گهر اندر ٺهيل اوطاق جي لوهي گارڊر ۾ ٽوال ٻڌي  ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو،اطلاع تي ڊگهڙي پوليس پهچي لاش تعلقي اسپتال ڊگھڙي کڻائي پهتي جتي فوتي جي پٽ نانجي ڪولهي صحافين کي ٻڌايو ته سندس پيرسن پئ جو ذھني توازن درست نه هئڻڪري هن خودڪشي ڪئي آهي ڪجھ ڏينهن اڳ به هن خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي اڄ صبح فجر مهل هن خودڪشي ڪري ڇڏي اسان ننڊ مان اٿياسين ته ڦاهو کاڌل لاش ڏٺوسين پيرسن شوڌان جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو فوتي ستن ٻارن جو پئ هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.