ميرپور بٺوري ڀرسان نانگ ڪکڻ سبب همراهه فوت

ميرپوربٺورو (ن ع آ) ميرپوربٺورو لڳ ڳوٺ ماهي دل ۾ 45 سالن جو شخص حاجن دل کي ڪجهه ڏينهن اڳ رات جي وقت سندس گهر جي گهٽي  تي نانگ ڪکي وڌو هو جنهن کي فوري طور تعلقه اسپتال بٺورو پهچايو ويو، جتان شروعاتي طبي امداد ڏيڻ بعد کيس وڌيڪ علاج لاء حيدرآباد جي پرائيويٽ ايم ڪي اسپتال نيو ويو  جتي هو داخل هو، زهر جسم ۾ ڦهلجڻ سبب نانگ جو ڪکيل شخص اسپتال ۾  فوت ٿي ويو، لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو سندس جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن  مٽن مائٽن ۽ ڳوٺاڻن  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مرحوم کي مقامي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.