سڪرنڊ ڀرسان حادثو، ڳوٺاڻو فوت، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام

سڪرنڊ (ن ع آ) سڪرنڊ ويجهو قومي شاهراه صابو راهو اسٽاپ وٽ صادق آباد کان ڪراچي ويندڙ وين جو روڊ ڪراس ڪندڙ موٽر سائيڪل  کي زوردار ٽڪر. نتيجي ۾ ڳوٺ شهمير راهو واسي 35 ساله نوجوان رئوف پهنارو موقعي تي فوت ٿي ويو. جڏهن ته وين ۾ سوار صادق آباد واسي شهزاد ۽ سندس فيملي معمولي زخمي ٿيا.جن کي تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو ويو. فوتي جو لاش سڪرنڊ اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.