ميان صاحب لڳ پٽ جي ڇٺي جي مٺائي وٺي موٽندڙ نوجوان حادثي ۾ فوت

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان ٺل ھمايون روڊ تي سومرا ڳوٺ لڳ آئل ٽينڪر جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ميان صاحب جو رھواسي نوجوان 21 ورهين جو لال محمد پٽ گلاب منگي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو اطلاع ملڻ تي ميان صاحب پوليس  شھري ۽ منگي برادري جا ڪيترائي ماڻهو حادثي واري هنڌ پهتا جتان فوتي نوجوان لال محمد منگي جو لاش کڻائي ميان صاحب جي رورل هيلٿ سينٽر پهچايو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران ضروري ڪارروائي کان پوء لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو فوتي نوجوان جو لاش گھر پھچڻ ماءُ پيءُ ۽ سندس گھرواريءَ کي بيهوشيءَ جا پئجي ويا اطلاعن موجب فوتي نوجوان پھريون پٽ ڄمڻ جي خوشي ۾ جيڪب آباد کان ڇٽي جي مٺائي وٺي ايندي رستي ۾ آئل ٽينڪر جي ٽڪر ۾ فوت ٿيو نوجوان جي حادثي ۾ فوت ٿيڻ جي خبر ڦھلجڻ تي ميان صاحب شھر ۾ ماحول سوڳوار ٿي ويو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.