ڪرونڊي لڳ نا معلوم چور ڳوٺاڻي جو گهر ٻهاري ويا

فيض گنج(ن ع آ) اڪري چودڳي ٿاڻي جي حد ۾بد امني چوٽ چڙهي وئي آهي چورن علائقي واسين جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن پوليس چورن  خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي آهي گذريل رات 3 نا معلوم چور ڳوٺ حاڪم علي رتڙ مان ڊگري ڪاليج ڪرونڊي جي ڪلارڪ سليم الله رتڙ جي گهر مان 70هزار روڪ 4 تولا سون ڪپڙا لٽا ۽ ٻيو لکين روپين جو ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا 3 نا معلوم چورن تي اين سي داخل ڪئي وئي آهي اڪري پوليس شڪ جي بنياد تي راشد رتڙ کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.