عزيز ميمڻ ڪيس جي جوابدار جي درخواست رد

سکر(رپورٽر) نوشهروفيروز ۾ قتل ٿي ويل صحافي عزيز ميمڻ جي ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل فرحان علي سهتو پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ  جي عدالت ۾ داخل ڪرايل ضمانت واري درخواست کي عدالت جي جج رد ڪندي ماتحت عدالت کي 4 مهينن اندر ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو آهي. ياد رهي ته ڏيڍ سال اڳ نوشهروفيروز ضلعي ۾ صحافي عزيز ميمڻ کي بي دردي سان قتل ڪيو ويو هو جنهن ۾ پوليس ڪجهه جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو گرفتار جوابدارن پاران ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ مقتول صحافي جي وارثن کي ڌمڪيون پڻ ڏنيون هيون جڏهن ته گرفتار جوابدار پاران سنڌ هائي ڪورٽ سکر ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي وئي هئي جنهن کي عدالت رد ڪندي ٽرائيل ڪورٽ کي ڪيس چئن مهينن اندر هلائي رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.