بحريا ڪيس جا اسير ڪراچي جي اي ٽي سي ۾ پيش

ڪراچي (پ ر  ) جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري  مرڪزي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته جسقم چيئرمين صنعان خان  قريشي چيو آهي ته سنڌ جي وجود کي بچائڻ لاءِ سگهاري جدوجهد جي ضرورت آهي، ڪوڙا ڪيس جدوجهد کان نٿا روڪي سگهن، بحريا ٽائون سنڌ مٿان والار آهي، بحريان ٽائون خلاف تاريخي جدوجهد ڪئي ويندي، جڏهن ته جسقم سيئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر ،مرڪزي انفارمیشن سيڪريٽري ديدار شام، آصف مگسي، عزيز شيخ سميت جسقم جي ڪارڪن سميت بحريا ڪيس جي سمورن اسيرن جي ڪراچي سينٽرل جيل ۾ ان سائيڊ اي ٽي سي 15 ڪورٽ ۾ وڪيل محمد خان شيخ، ڪاظم مهيسر ۽ ٻين وڪيلن معرفت پيش ٿي حاضري ڏني، جڏهن ته جج موڪل تي هجڻ ڪري ڪورٽ وري 6 آڪٽوبر تي ٻڌڻي رکي ڇڏي آهي، ان موقعي تي جسقم مرڪزي قيادت امجد مهيسر ،ديدار شام ،آصف مگسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي عشق جي ڏوھ ۾ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جيڪي جدوجهد جي راھ نٿا روڪي سگهن، بحريان ٽائون خلاف جدوجهد جاري رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.