حيدرآباد ۾ شهرين جو پوليس خلاف مظاهرو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي حر ڪيمپ واري علائقي جي رهواسي جمالي برادري جي ماڻهن ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس خلاف حيدرآباد  پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري جي اڳواڻي عيني مستوئي، علي جان جمالي، ديدار جمالي، فائق جمالي ڪئي. ان موقعي تي عيني مستوئي جو چوڻ هو ته 16 سيپٽمبر جي رات جو ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس سندن گهر تي چڙهائي ڪري سندس مڙس سليم جمالي کي گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ وٺي وئي، اڌ ڪلاڪ گذرڻ کان پوءِ خبر پئي ته ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس سليم کي هاف فراءِ ڪيو آهي. هنن چيو ته سليم بي گناهه آهي، سندس ڪو به ڪرمنل رڪارڊ ناهي ۽ نه ئي هو ڪنهن ڏوهاري سرگرمي ۾ ملوث رهيو آهي، ساڻن ظلم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سليم مزدوري ڪري ٻچڻ جو پيٽ گذر ڪندو آهي، خبر ناهي ته کيس ڪنهن جي چوڻ تي هاف فرائي ڪيو ويو. هنن وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ پوليس کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي بي گناهه هاف فراءِ ڪيل سليم جمالي سان انصاف ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.