لاڙڪاڻي مان اغوا ڄاڻايل ناري خيرپور عدالت ۾ پيش، ڀاءُ حوالي

خيرپور ( س ر  ) 8 مهينا اڳ لاڙڪاڻي جي حد دڙي محلا جي اغوا ٿيل نوجوان   ناري  خيرپور جي عدالت ۾ پيش .نوجوان ناري کي وومين پوليس ۽ ڪوٽڏيجي پوليس جي  سخت پهري هيٺ سندس وڪيل سلمه ڀٽو محسن ڀنگوار سان گڏ سول جج جڍيشنل ميجسٽرٽ خيرپور پيش ڪيو ، جتي نوجوان ناري مرڪ منگي عدالت ۾ جج کي بيان ڏيندي چيو ته  8 مهينا  اڳ جوابدارن رضوان منگي ،زوهيب منگي ، غلام شبير منگي ، جان محمد چنه ۽ ٻين نامعلوم ماڻهن مونکي اغوا ڪري نامعلوم جڳهه تي منتقل ڪري ڇڏيو ، جتي مونکي هراسان ڪري مون کان غلط ڪم ڪرائي رهيا هئا ۽ زبردستي منهنجو رضوان منگي سان ڪراچي ۾ نڪاح ڪرائي ڇڏيو نڪاح جو انڪار ڪرڻ تان مونکي موت مار ڌمڪيون ڏيندا رهيا ، مرڪ منگي چيو ته .ڪجهه ڏينهن اڳ مونکي ڪوٽڏيجي  ٿاڻي جي حد ڳوٺ نياز حسين سوهو کڻي آيو ۽ موکان پنهنجي مائٽن خلاف  غلط بيان ڏياريو ته مان مرڪ منگي جيڪڏهن قتل ٿي وڃان ته ان جو زميوار منهنجو چاچا ۽ ان جو پٽ ۽ ٻيا رشتيدار هوندا .مرڪ منگي چيو ته جيڪڏهن مان هنن جي ڳالهه تي عمل نه ڪندم ته مونکي قتل ڪيو ويندو .جنهن بعد خيرپور عدالت جي سول جج جڍيشنل ميجسٽرٽ مرنڪ منگي کي سندس ڀاءُ مختيار منگي جي حوالي ڪيو ۽ لاڙڪاڻي پوليس کي  جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ، مرڪ منگي وزير اعظم پاڪستان ، چيف جسٽس ، آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري مونکي انصاف فراهم ڪيو وڃي .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.