سجاول ۾ پ پ جيالي جي نوڪريءَ لاءِ علامتي بک هڙتال

سجاول (ڊ ر) پريس ڪلب سجاول اڳيان اٺين ڏينھن کان بک هڙتال تي ويٺل پ پ جي جيالي ڪامريڊ حسين شيخ صحافين سان  ڳالهائيندي چيو ته پ پ ضلعي سجاول جي قيادت مونکي پٽيوالي ڏيڻ جا ڪوڙا دلاسا ڏيئي نظر انداز ڪيو  آھي ھڪ سال اڳ نوڪري لاءِ علامتي بک هڙتال ڪئي ھئي ان وقت پيپلزپارٽي تعلقي سجاول جي صدر پٽيوالي نوڪري ڏيارڻ جو دلاسو ڏيئي بک هڙتال ختم ڪرائي  ھن وقت قيادت وٽ ورڪرن لاءِ نوڪريون موجود آهن پر مون غريب کي ھڪ پٽيوالي جي نوڪري به نٿي ڏني وڃي مون غريب ورڪر کي پٽيوالي جي نوڪري ڏياري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ علامتي بک هڙتال مرڻ گهڙي تائين جاري رکندس .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.