ڪرونا ويڪسين لڳرائيندڙ شوقين اسٽيڊيم ۾ وڃي مئچ ڏسي سگهندا: اجازت ملي وئي

لاهور(م ڊ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي شوقينن جي موجودگي ۾ نيشنل ٽي 20 ميچز ڪرائڻ جي اجازت ملي وئي آهي، قومي ستارا 23 سيپٽمبر تي جلوا ڏيکاريندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسد عمر جي صدارت هيٺ اين سي او سي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪرڪيٽ شوقينن کي اسٽيڊيم ۾ اچڻ جي اجازت ڏني وئي. جن شوقينن ڪرونا جي ويڪسين ڪرائي آهي، انهن کي اسٽيڊيم ۾ اچڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، قومي ٽي 20 ڪپ 25 سيپٽمبر تي ملتان ۾ ٿيڻو هو پر نيوزيلينڊ ٽيم جي واپسي بعد هاڻي راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ ٿي رهيو آهي، جيڪو 23 سيپٽمبر تي ٿيندو. ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ 30 سيپٽمبر تائين 25 سيڪڙو شوقينن کي مئچ ڏسڻ جي اجازت هوندي، شوقين وڌي وڃڻ جي صورت ۾ ان تي نظرثاني لاءِ 28 سيپٽمبر تي فيصلو ڪيو ويندو.

روس ۾ شاگرد يونيورسٽي اندر فائرنگ ڪري 8 شاگرد قتل ڪري ڇڏيا، 24 زخمي

ماسڪو(م ڊ) روس ۾ هڪ شاگرد يونيورسٽي اندر فائرنگ ڪري 8 شاگرد قتل ڪري ڇڏيا جڏهن ته 24 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پرڏيهي خابرو اداري موجب پرم شهر جي يونيورسٽي ۾ هڪ شاگرد اوچتو فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 5 شاگرد ٿڏي تي مارجي ۽ 27 زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي وڌيڪ ٽن شاگردن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، يونيورسٽي ترجمان ۽ پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي واقعي بعد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن فوري ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته فائرنگ دوران شاگردن ڪلاسن جي درين مان ٽپا ڏئي پاڻ کي بچائي ورتو، ٻه کان ٽي ماڙ عمارت تان ٽپو ڏيڻ سبب به شاگرد زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

نيوزيلينڊ پاڻ وٽ ايتري فورسز ناهي، جيتري اسان سندن ٽيم کي ڏني: شيخ رشيد

اسلام آباد (م ڊ) ڪربلا جي شهيدن جَي چاليهي تي سڄي ملڪ ۾ موبائيل فون سروس بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي،  وفاقي گهرو وزير  شيخ رشيد نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي ملندڙ مبينا ڌمڪين ۽ سيڪيورٽي خدشن بابت سوال اٿاري ڇڏيا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته ٿريٽ الرٽ جو ٻڌائيندڙ 5 ملڪ ان وقت ڪٿي هئا، جڏهن سيڪيورٽي ماهر پاڪستان جو دورو ڪري رهيا هئا ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيم 4 ڏينهن کان راولپنڊي ۾ پريڪٽس ڪري رهي هئي، ان وقت ته ڪو مسئلو نه هو. هن چيو ته ڪابينا نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي، نيوزيلينڊ وٽ ايتري فورسز ناهي جيتري اسان انهن کي سيڪيورٽي ڏني. هن چيو ته اسان سان جيڪو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي اهو ٺيڪ ناهي، اسان جي قربانين جو احترام ڪيو وڃي، سڄي دنيا ۾ اسان جون ايجنسيون مضبوط ترين ۽ سمارٽ ايجنسيون آهن، گهٻرائڻ جي ڳالهه ناهي، قوم کي افسوس ضرور آهي پر هڪ ڏينهن ايندو جڏهن سڀ ٽيمون کيڏڻ اينديون. نيوزيلينڊ ٽيم جي واپسيءَ تي اپوزيشن جي تنقيد تي شيخ رشيد چيو ته شيشي جي گهر ۾ ويهي پٿر نه هڻو، اپوزيشن اليڪشن جي تياري ڪري رهي آهي، اهي جمعو جمعو کيڏي رهيا آهن، اپوزيشن کي دعوت ڏيان ٿو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي اسان سان گڏ ويهي ڳالهيون ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.