ڊکڻ ۾ ڳوٺاڻن جو بڊو پوليس خلاف احتجاج

ڊکڻ (ن ع آ) مونيسپل ڪاميٽي رتوديرو  جو ملازم ڳوٺ والس آباد بڊو واسي فقير مقصود لولائي پريس ڪلب ڊکڻ پهچي، بڊو پوليس جي ناجائزي خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي هن ميڊيا آڏو الزام هڻندي دانهيندي چيو تہ بڊو پوليس شهيد پوليس اهلڪار علي نواز لولائي جي گهر تي بلا جواز چڙهائي ڪري گهر جو سامان سون ۽ روڪ رقم کڻي وئي جنهن جو عدالت سڳوريءَ ۾ پوليس خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو.

ٺٽي ۾ شهيد حسن سمون کي ڀيٽا پيش

ٺٽو(ڊ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي ٺٽي پاران پارٽي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ حسن سمون  جي 7 ھين ورسي تقريب ھائوس مڪلي تي منعقد ڪئي ويئي. جنھن ۾ اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ شھيد جي وارثن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.  ورسي تقريب کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ امتياز سمون، شاھنواز سيال، ضلعي ٺٽي جي صدر جلال شاھ، ناٿو بروھي، راجو قريشي، جميل سمون، سومار ملاح، عمر ناھيو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شھيد ڪامريڊ حسن سمون جون خدمتون ساراهه جوڳيون آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.