لاڙڪاڻو چئمبر آف ڪامرس معاملو، چونڊ ڪاميٽي عدالت کان معافي وٺي ڇڏي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو چئمبر آف ڪامرس جي چونڊن وارو معاملو، اليڪشن ڪمشنر ۽ چونڊ ڪاميٽي جي ميمبرن غيرآئيني قدم تي عدالت کان معافي وٺي  ڇڏي، واپارين چئمبر جي اڳواڻن مٿان مسئلا حل نه ڪرڻ جون دانهون. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻو چئمبر آف ڪامرس جي چونڊن ۾ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي ميمبر جي عهدي لاءِ چونڊ وڙهندڙ واپاري اڳواڻن عبدالرئوف شيخ، طارق شيخ ۽ جمال مصطفيٰ شيخ پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته لاڙڪاڻو چئمبر آف ڪامرس جي چونڊن ۾ اسان ٻن اميدوارن الڳ پئنل ۽ 7 اميدوارن ڌار پئنل تان حصو ورتو، اهڙي قانون کي اسان عدالت ۾ چئلينج ڪيو جنهن تي عدالت 16 سيپٽمبر جي ڏينهن 17 سيپٽمبر تي رٿيل چئمبر جون چونڊون ملتوي ڪري اسٽي آرڊر ڏنو اڄ اهڙي پٽيشن جي ٻڌڻي تي اليڪشن ڪمشنر ۽ ڪاميٽي طلب ٿي جن غير آئيني قدم تي عدالت کان معافي ورتي ۽ قانوني طريقي سان عدالت جي حڪم تي ٻيهر چونڊن جي تاريخ طئي ڪري چونڊون ڪرايون وينديون.

سلمان عبدالله مراد پاران ملير ۾ پوليو مهم جو افتتاح

ملير (ڊ.ر) وزيراعليٰ سنڌ جي خاص مددگار سلمان عبدالله مراد پاران غازي ٽائون ملير ۾ پوليو مهم جو افتتاح ڪيو ويو، ان موقعي تي سلمان عبدالله مراد ڪيترن ٻارن کي پوليو جا قطرا پياريا، ان موقعي تي صحت کاتي جا آفيسر به موجود هئا، ان موقعي تي خاص مددگار سلمان عبدالله مراد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته والدين کي گهرجي ته پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ لاءِ قطرا پيارن، هن وقت ڪرونا جهڙي وبا سان سنڌ حڪومت عوامي تعاون سان ڀرپور مقابلو ڪيو آهي، پوليو مهم ۾ سنڌ حڪومت جو ڪردار قابل تحسين آهي، سنڌ حڪومت صوبي کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ چاهي ٿي.

ملير ۾شهيد حسن سمون جي ورسي تقريب

ملير (ڊ.ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ملير ۾ شهيد حسن سمون جي ورسي تقريب منعقد ڪئي وئي، ورسي تقريب ۾ ايس ٽي پي ضلع صدر غلام شبير چانڊيو، نصرت  سومرو، پير بخش بهلڪاڻي، ديدار علي سبزوئي، اعجاز سولنگي، صدا بليدي، غلام اصغر سبزوئي سميت وڏي انگ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي شهيد حسن سمون جي مغفرت لاءِ دعا پڻ گهري وئي، هوڏانهن اڳواڻن ورسي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ حسن سمون سنڌ جو دلير ۽ ڏاهو اڳواڻ هو، سندس وڇوڙي تي سنڌ جي سياست ۾ خال پيدا ٿيو، هن سنڌ لاءِ هميشه اڻ ٿڪ جدوجهد ڪئي، ڪامريڊ حسن سمون وطن دوست، غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ ماڻهو هئو، هنن چيو ته ڪامريڊ حسن سمون اسان جي وچ ۾ موجود ناهي، پر اسين سندس هرسال ورسي ملهائي کيس ياد ڪندا آهيون، هوڏانهن ورسي تقريب کي پيربخش بهلڪاڻي، نصرت سومرو، اصغر سبزوئي ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.