مٽياري لڳ 2 ڳوٺاڻا کنڀي گم، سيکاٽ پوليس خلاف ڌرڻو

مٽياري (ڊ ر) سيکاٽ پوليس جي مبينا زيادتين ۽ بي گناهه ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ خلاف ڪلهوڙا برادري ماڻهن جو عورتن سميت  قومي شاهراهه تي ھڪ ڪلاڪ کان مٿي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب  قومي شاھراھ جي ٻنهي پاسن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون، قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻندڙن حاجي خان، يار محمد، ايوب، قلندر ڪلهوڙو ۽ روشن الزام هڻندي چيو آهي ته پوليس بي گناهه اسان جا ماڻهو گرفتار ڪري وئي آهي، سيکاٽ پوليس بااثر وڏيري جي چرچ تي جان محمد ڪلھوڙو ۽  عبدﷲ ڪلهوڙو کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، پوليس اسان سان وڏيري جي چوڻ تي دشمني تي لهي آئي آهي، جنهن سبب اسان قومي شاهراهه بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي، پوليس پاران ڳوٺاڻن کي روڊ کولڻ لاءِ منٿون ڪندي رهي پوليس ۽ ڳوٺاڻن ۾ روڊ کولڻ تان چڪريون پڻ ٿيون، جنهن بعد ڊي ايس پي مٽياري ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرائي روڊ کولرايو ۽ سيکاٽ پوليس پاران گرفتار ڪيل ٻن ماڻهن کي آزاد ڪيو جنهن بعد قومي شاهراهه ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو. ٻئي پاسي ايس ايڇ او سيکاٽ شاھزمان چانڊيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان جان محمد ڪلھوڙو کي منشيات فروشي ۾ ملوث ھئڻ تي گرفتار ڪيو جنهن کي ڳوٺاڻن زبردستي پوليس موبائيل مان لاھي وٺي ويا آھن ايس ايڇ او چيو ته گرفتار جوابدار مٿان پھرين به منشيات فروشي جا ڪيس داخل ٿيل آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.