پراڻي راند انداز نئون؟

تحرير: حاڪم نصيراڻي

اڄ جي سياسي منظرنامي کي ڏسي ائين لڳي ٿو ڄڻ ته پ پ پ ۽ نواز ليگ جي حڪومتن جي آخري لمحن واري راند هڪ دفعو ٻيهر شروع ٿي وئي آھي۔هر جمهوري حڪومت خلاف  ڳولڻ وارا اهڙيون ته ڪهاڻيون ڳولي اچن ٿا جو دنيا دنگ رهجي وڃي ٿي۔ اهڙن منفرد اسڪينڊلز جي ڪري سياسي ايوانن ۾ هلچل مچي وڃي ٿي۔ جيئن پ پ پ جي پوئين دور ۾ اڳوڻي چيف جسٽس (ر) افتخار چوڌري هر مسئلي تي پاڻ مرادو نوٽيس وٺي وٺي زرداري سرڪار جي نڪ ۾ دم ڏيئي ڇڏيو هو ائين ميموگيٽ ته پ پ پ لاءِ ڄڻ تڪليفن جو پهاڙ ثابت ٿيو۔ نيٺ خدا خدا ڪندي يوسف رضا گيلاني جي نااهلي جو داغ کڻي پ پ پ پنهنجا پنج سال پورا ڪري وئي۔

نواز ليگ وڏي اڪثريت سان حڪومت جون واڳون سنڀاريون ته نواز سندس حڪومت جي گاڏي موٽر ويز تي تيزي سان هلندي رهي هر شيء ٺيڪ طرح سان هلي رهي هئي۔ چئن حلقن کان وٺي تاريخي ڌرڻي تائين نواز ليگ پنهنجا ڏکيا ڏينهن ڪٽي ردالفساد جهڙو آپريشن ڪري پهاڙن کان وٺي  ڪراچي جي گهٽين تائين دهشتگردن جو پيڇو ڪيو پر اوچتو پاناما ليڪ جي نالي سان اهڙو ته اسڪينڊل آيو جو نواز ليگ جون وايون بتال ٿي ويون۔ ميڊيا به نواز ليگ کان منهن ڦيري وئي ۽ ان اسڪينڊل کي خوب ڪور ڪيو ۽ حڪومت مخالف اڳواڻن سان سولو پروگرام ڪيا ويا۔ نيٺ پاناما بدران نواز شريف کي اقامه تي نااهل قرار ڏيئي گهر موڪليو ويو خير نواز ليگ به شاهد خاقان عباسي جي اڳواڻي ۾ پنهنجا پنج سال پورا ڪيا۔ هاڻي هڪ دفعو ٻيهر اهڙو منظرنامو جڙندي نظر اچي پيو۔

هن وقت تحريڪ انصاف جي نڙيءَ ۾ سندن ئي پارٽي جي بنيادي ڪارڪن سيد ايس اڪبر بابر پاران 2014 ۾ داخل فارن فنڊنگ ڪيس آھي۔ هن ڪيس تي نظر وجهنداسين ته اسان کي عجيب حقيقتون ملنديون۔ ايس اڪبر بابر سڀ کان اڳ اهڙي دانهن پارٽي چيئرمين عمران خان کي ڏني ان مسئلي جي جاچ لاءِ جسٽس ر وجيھ الدين جي اڳواڻي ۾ هڪ اسڪروٽني ڪاميٽي جوڙي وئي۔ ايس اڪبر بابر سمجهيو ته هن ڪاميٽي ۾ سندن دال نه ڳرندي ان ڪري هن وڃي اليڪشن ڪميشن جو در کڙڪايو۔ پهريان ته پي ٽي آءِ اسلام آباد جي هائي ڪورٽ ۾ ڪيترائي دفعا مختلف هربا استعمال ڪري ان ڪيس کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندي رهي۔ سندن موقف هو ته اليڪشن ڪميشن جو اهو اختيار ئي ناهي جو هو فارن فنڊنگ جو ڪيس ٻڌي سگهي۔ ان دوران نواز ليگ اڳواڻ حنيف عباسي عمران خان جي نااهلي لاءِ جڏهن سپريم ڪورٽ ويو ته اتي هن ٻين الزامن سان گڏ اهو به الزام لڳايو ته عمران خان غيرقانوني فارن فنڊنگ ۾ ملوث آھي ان ڪري کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.

ڪورٽ سڳوري پنهنجي فيصلي ۾ اهو چيو ته فارن فنڊنگ وارو معاملو اليڪشن ڪميشن جي اختيار جو آھي ان ڪري اتي رجوع ڪيو وڃي۔ ان کان پوءِ وڃي حڪومت جي مٿي جو ٽنڊڻ مئو۔ هاڻي ڏٺو وڃي ته آخر اها ڪهڙي مجبوري هئي يا آھي جو لڳ ڀڳ ست سال ٿيڻ کانپوءِ به ان ڪيس جو فيصلو نه ٿي سگهيو۔ هاڻي جڏهن اي ووٽنگ معاملي تي حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن هڪ ٻئي خلاف سندرو ٻڌي ميدان ۾ لهي پيا ۔ ان صورتحال کي ڏسندي هر ماڻھو پنهنجي سوچ موجب تبصرا تجزيه ۽ اڳڪٿيون ڪرڻ شروع ٿي ويو آھي۔ڪجھ ماڻھن جو اهو خيال آھي ته حڪومت جي ڪارڪردگي ايڏي عوام دوست ناهي رهي جو کيس ٻيهر پاڪستان مان ووٽ ملي سگهن ان ڪري تحريڪ انصاف جي آخري اميد ٽيھ چاليھ لک غيرملڪي پاڪستانين جا  ئي ووٽ آھن جيڪي کين اليڪشن ۾ مدد ڪري سگهن ٿا۔ ان لاءِ اليڪٽرڪ ووٽنگ مشين جو هجڻ ضروري آھي۔ حڪومت سمجهي ٿي ته جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن وٽ پيل ڪيس جو فيصلو انهن جي خلاف آيو ته حڪومت عوام وٽ سياسي شھيد طور واپس ويندي ۽ اهو الزام هڻندي ته اليڪشن ڪمشنر ڌر بڻيل هو ان ڪري اسان جي خلاف فيصلو ڏنو ويو۔ حڪومتي وزيرن فواد چودهري شبلي فراز اعظم سواتي حسب روايت شيري رحمان، قمر زمان قائره، دانيال عزيز، طلال چوڌري وانگر حڪومتي فيصلن جي دفاع لاءِ ميدان ۾ لهي پيا آھن. اعظم سواتي ۽ فواد چوڌري ته الزام هڻندي اليڪشن ڪمشنر جي مقرري کان وٺي سندس ڌر ٿيڻ جو ذڪر ڇيڙي طبل جنگ وڄائي ڇڏيو۔ سواتي صاحب ته اليڪشن ڪمشنر کي نواز شريف جي واچ ۽ شھباز شريف جو لڪڻ به قرار ڏيئي ڇڏيو۔ گذريل ڏينهن واري پريس ڪانفرنس ۾ فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن جي ٻين ميمبرن کي اڪسائيندي چيو ته اوهان اليڪشن ڪمشنر جي فيصلي تي نظرثاني ڪريو۔وزيرن مشيرن جو اهو جارحاڻو رويو ملڪ جي ڪنهن به آئيني اداري لاءِ نامناسب آھي۔ هاڻي ڏسڻو اهو آھي ته ڪٿي اهو فارن فنڊنگ ڪيس حڪومت لاءِ پاناما ليڪ ته ثابت نه پيو ٿئي ؟ جيڪڏهن اهو فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو حڪومت جي خلاف اچي ٿو ته ان سان اهو نه ٿيندو جو عمران خان گهر ويندو پر اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 204 مطابق پوري پارٽي ڪالعدم ٿي سگهي ٿي۔ پاڪستان جي تاريخ ۾ 1958 ۾ هڪ پارٽي کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو هو۔ هاڻي ڏسجي ته ڇا ٿيو ٿئي پر جيڪو به ٿئي اهو عوام جي ڀلائي لاءِ ٿئي ڇو ته عوام ۾ هاڻي اها طاقت ناهي جو مهانگائي ۽ بيروزگاري جو بار وڌيڪ برداشت ڪري سگهي۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.