سنڌ جي زمينن جا وارث رڳو سنڌي آهن

تحرير: سيد زين شاھ

وارڊ نمبر سيڪيرٽي 16، سينٽرل جيل ڪراچي

سال 2000ع جي شروعات ۾ اسٽيل مِل جي ملازمن جي برطرفيءَ خلاف پريس ڪلب ڪراچيءَ اڳيان احتجاج ٿيو، ان ۾ ٻين سان گڏ آئون به گرفتار ٿيو ھئس. بابا ( سيد امداد محمد شاھه) نياپو ڏياري موڪليو ته ”ضمانت نه ڪرائجان“، پر آخر ٻن ڏينھن کانپوءِ ٿاڻي تان ئي ڇڏيو ويو. ڪجھه معاملن ۾ تجربو ۽ ڄاڻ آھي ته گرفتاري سان وقتي تڪليف ته اچي ٿي، پر اجتماعي مسئلو وڌيڪ اڀري ٿو ۽ ان جي حل ۾ اڳڀرائي ضرور ٿئي ٿي.

جيئن ئي بحريا ٽائون سازش ڪيس ۾ اڪثريت دوستن جون ضمانتون ٿيون ته ڪجھه وڪيلن ۽ ساٿين طرفان مشورو مليو ته ھاڻي مون کي ضمانت ڪرائي ٻاھر اچڻ گھرجي ان لاءِ ھيٺيان دليل ڏنا ويا.

1.گرفتاري ڏيڻ بھترين عمل ھئو، پر جيئن ته دوست ٻيا ضمانت تي اچي ويا آھن هاڻي اوهان به ضمانت ڪرايو.

2.ھي حڪومت ۽ رياست بي حس، اخلاقيات کان عاري آھي؛ عدالتي نظام سست ۽ حڪومت جي اثر ھيٺ آھي تنھنڪري ڪيس تڪڙو نه ھلندو.

3.ذاتي ڪاروبار ۽ اليڪشني حلقي جي ماڻھن کي ٽائيم ڏيو نه ته اھي متاثر ٿيندا.

4.پارٽي صدر جي صحت ٺيڪ نه آھي، سنڌ ايڪشن ڪميٽي رابطه مھم ھلائي پئي، ان کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ ٽائيم ڏيو اھو بھتر ٿيندو.

5.بلدياتي اليڪشن جلد ٿيندي توھان جي غير موجودگيءَ ڪري مخالف جبر ۽ سازش ذريعي گھڻا تڪ بنا مقابلي کٽي ويندا.

6.اسان جي ماڻھن جي يادگيري ننڍي آھي ڪجھه ڏينھن کانپوءِ ڪنھن کي ياد نه ھوندو ۽ نه ئي سار لھندو ته ڪير اندر پيو آھي.

7.زمينن جو معاملو تمام ننڍو آھي، جيڪڏھن سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جيل اندر وڃو ھا ته پوءِ کڻي چئجي ھا ته ٺيڪ آھي.

ٻيا دوست ان خيال جا ھئا ته توھان جي گرفتاري پيش ڪرڻ جي ڪري مجموعي طور پراڻن ۽ نون ڪارڪنن ۽ ھمدردن ۾ سٺو تاثر ۽ اتساھه جڙيو آھي ان ڪري ان کي برقرار رکڻ لاءِ توھان جيڪڏھن ڪجھه وقت اڃا اندر رھي ڪيس وڙھندا ته ان جو فائدو ڪيس کي تڪڙو ھلائڻ جو سبب به بڻبو، جدوجھد جو تسلسل به جاري رھندو ۽ قومي تحريڪ لاءِ ماضيءَ جي ڪجھه واقعن ۽ ماضيءَ جي گھڻن اڳواڻن جي لالچ ، خود مطلبي ۽ موقعي پرستيءَ جي ڪري عوام ۾ اعتماد جي کوٽ (Trust Deficit) ٿي آھي، ان جي بحاليءَ ۾ مدد ملندي .

منھنجي خيال ۾ سنڌ جي زمينن جي والار ۽ وڪرو ھڪ اھم قومي معاملو آھي ڇو ته اسان جيڪا قومي خودمختياريءَ جي جدوجھد ٿا ڪريون ان ۾ سنڌ وطن جي جاگرافي ، ٻولي ، قدرتي وسيلا ۽ ڊيموگرافيءَ جو دفاع اھڙا معاملا آھن جيڪي قوم جي بقا ۽ روشن مستقبل سان لاڳاپيل آھن ۽ انھن لاءِ ھر محاذ تي جدوجھد ڪرڻ قومي ڪارڪنن تي فرض آھي ته ٻئي پاسي اها جدوجهد ۽ قرباني قومي تحريڪ کي عوام ۾ اثرائتو پڻ بڻائيندي.پاڪستان جي وفاق ۾ سنڌ اھا بدقسمت قومي وحدت آھي جنھن ۾ غلام محمد بئراج (ڪوٽڙي بئراج ) ۽ گڊو بئراج جي ٺھڻ سان جيڪي نيون زمينون آباديءَ لائق ٿيون انھن مان اڪثريت زمينن جي ورھاست ٻين صوبن جي ماڻھن، فوجي عملدارن، رانديگرن ۽ فنڪارن ۾ ڪئي ويئي. ڪراچي شھر جي وچ جو گھڻو حصو ملڪ جي سلامتي لاءِ ڪئنٽومينٽ کي ڏنو ويو، پر اھو به آھستي آھستي رٽائر ۽ حاضر سروس فوجين کي ڏئي ان بعد هر عام  فرد کي منافعي تي وڪرو ڪيون پيون وڃن.

ڪراچيءَ ۾ بلڊر مافيا ۽ قبضاگير ته سدائين وقت جي حڪومت جي وزيرن ۽ پوليس آفيسرن جي تعاون سان پنھنجي ڪم کي لڳا پيا آھن، پر ڪراچيءَ جي ملير ضلعي جي زمينن جي وڪري جي حڪومتي سطح تي شروعات ڪندڙ 1995ع ۾ ان وقت  جي وزيراعظم بينظير ڀٽو ۽ وزير اعليٰ سيد عبدالله شاھه ھئا. اِن ڳالھه جو راوي اُن وقت جو پيپلزپارٽي جو ايم پي اي سردار احمد علي پتافي آھي جنھن ٻڌايو ته  وزيراعليٰ ھائوس ڪراچي مان اوچتو اطلاع آيو ته اڄ ھنگامي گڏجاڻي رکي وئي آھي ان ۾ محترمه بينظير پڻ شرڪت ڪندي. ان وقت اسيمبلي اجلاس ھلندڙ نه ھو تنھنڪري تقريبن 35 ايم پي اي ۽ ايم اين اي پھچي سگھيا جنھن ۾ سردار پتافي ڪراچي ۾ ھجڻ ڪري پڻ شرڪت ڪئي. اتي گڏجاڻي ۾ ڳالھه رکي وئي ته ڳڙھي خدا بخش ۾ ذوالفقار ڀٽو ۽ سندس خاندان جو مقبرو ٺھرائڻو آھي ان لاءِ پئسا گھرجن سڀ حصو پتي (Contribution) ڏيو،  اتي موجود دوستن ڪجھه لکن جو اعلان ڪيو ٻين اڻھوند جا بھانا ڪيا جڏھن ته ان جي تعميرات جو ڪاٿو (Estimate) تمام گھڻو ھئو. وزير اعليٰ عبدالله شاھه ، محترمه بينظير کي چيو ته اھو ڪو مسئلو نه آھي توھان اجازت ڏيو ته ملير ضلعي جي ڪجھه زمين کپائي (بلڊرن کي ) پيسا پورا ڪري وٺندس، جيڪا اجازت اتي جو اتي بينظير ڏني ان وقت ڊپٽي ڪمشنر ملير صديق ميمڻ ھئو ۽ ان پئسي مان ڳڙھي خدا بخش جي مقبري جي تعمير ٿي،  ياد رھي ته مرحوم عبدالله شاھه کي اقتدار تان لاھڻ کانپوءِ ان تي(NAB ﴾)۾ جيڪي ڪرپشن جا ڪيس ظاھر ٿيا ته ان ۾ ملير ضلعي جي زمين جو تمام گھڻو ناجائز وڪرو به شامل ھئو جنھن کي سندس غير موجودگي (ملڪ مان ڀڄي آمريڪا لڪڻ ڪري ) ۾  مفرور قرار ڏنو ويو ھئو .

ان ڳالھه جي تصديق مونکي وري ٻئي ذريعي کان به ٿي. بابا جي وفات 2004ع  کان ڪجھه سال پوءِ منھنجي ھڪ ساٿي فيروز خاصخيليءَ نياپو ڏنو ته سابق صحافي ۽ سندس ٽيوشن استاد رائوعقيل الرحمان ملڻ ٿو چاھي، پر دم جي سخت بيماريءَ ڪري ھو ٻاھر نڪرڻ جھڙو نه آھي . آئون ساڻس سندس گھر خانزاده محلو سڪرنڊ شھر ۾ ملڻ ويس کٽ تي ويٺو ھئو . ھن بابا جون گھڻيون يادگيريون ۽ ساڻس ويجھڙائي ۽ قربت جو احوال ڏنو. رائو عقيل روزانه مشرق ، حريت ، جسارت ، PPI ۽  APP سکر ۾ نمائندي طور ڪم ڪندو رھيو ھئو ان ھيٺيون واقعو  به ٻڌايو. پاڻ ٻڌايائين ته ڳڙھي خدا بخش جي مزار لاءِ ملير ۾ زمينن جي وڪري واري اھا خبر مون تفصيلن اخبار کي ڏني ھئي. ڪجھه وقت کانپوءِ وزير اعظم بينظير ڀٽو جو دورو ٿيو آئون به ان کي ميڊيا ڪور ڪرڻ لاءِ نئون ديرو ھائوس ضلعي لاڙڪاڻي تي ويس . ٿوري دير ۾ سيڪريٽري مون کي ڪمري ۾ وٺي ويو جتي محترمه بينظير ويٺي ھئي، ھن کي منھنجو تعارف ڪرايو ويو ، پاڻ چيائين ته اھا خبر توھان ھلائي ھئي، مون ھاڪار ڪئي، محترمه چيو ته ان جي ترديد ڪري پاڻ خبر ھلايو ته ڳڙهي خدابخش جي مزار تي لڳندڙ اھو پيسو ملير ضلعي جي زمينن جو نه پر عوام جي ڊونيشن مان گڏ ٿيو. مون کين چيو ته اھا ترديد آئون ضرور ھلائيندس، پر توھان جي نالي سان ته ” محترمه بينظير ڀٽو چيو آھي ته اھو مقبرو عوام جي ڊونيشن سان ٺھي ٿو“ . اھا ڳالھه کيس نه وڻي مون کي واپس ڪمري کان ٻاھر وٺي وڃڻ لاءِ چيو ويو .

اھا زمينن جي حڪومتي سرپرستي ۾ ناجائز وڪري جي شروعات ته اڄ کان 26 سال اڳ ڪئي ويئي ھئي  پر 2008ع کانپوءِ محترمه فريال ٽالپر ۽ آصف علي زرداري جي ماڻھن ڪراچي ۽ ٺٽي جي زمينن جي ڀينگ ڪئي . جنھن ۾ گھڻا سنڌ حڪومت جا آفيسر ۽ عملدار ڪيسن ۽ سزائن ۾ پيا لوڙين پاڻ مفاھمت ۽ مصلحت جي نالي ۾ سنڌ دشمني ۽ غداري ڪندي سنڌ فروشيءَ عيوض اقتدار ۾ ويٺا آھن ۽ نالي ماتر ڪيسن جون حاضريون پيا ڀرين. ان کانسواءِ ھڪ خود غرضيءَ جي انتھا ڪراچي شھر جي دشمني جو ٻيو مثال ملير نديءَ جي بندن اندر نديءَ جي پيٽ مان لڳ ڀڳ ٽيون حصو شروع کان وٺي سمنڊ ۾ ڇوڙ تائين کپائڻ جو احوال  ڪجه هيٺين ريت آهي.

ملير ندي جيڪا کير ٿر جبلن جي سلسلي مان مول جبل کان شروع ٿئي ٿي ۽ ڊفينس ھائوسنگ اٿارٽي وٽ ختم ٿئي ٿي. ان نديءَ جي پھرئين حصي يعني مول جبل کان M-9 (سپر ھائي وي ) تائين مول ندي سڏجي ٿي ۽ سپر ھائي وي کان سمونڊ تائين ملير ندي سڏجي ٿي جيڪا انصاري پل سپر ھائي وي کانپوءِ ميمڻ ڳوٺ ، ڄام ڳوٺ ، ملير پل ، شرافي ڳوٺ کانپوءِ ڄام صادق علي پل کان ٿيندي سمونڊ سان ملي ٿي جتي سڄي پاسي تي ڊي ايڇ اي فيز 8 ، کاٻي پاسي تي ڪورنگي ۽ سامھون ڏنگي ٻيٽ آھي.

اھا ندي ڪراچي جي ٽن ضلعن ملير ، ڪورنگي ۽ ڪراچي سائوٿ مان مينھن جي پاڻيءَ جو قدرتي نيڪال آھي جنھن جو ڇوڙ سمنڊ ۾ ٿئي ٿو. ملير نديءَ جا بند سنڌ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ اڄ کان 30 سال اڳ ٺھرايا جبل کان ملير، لانڍي ، ڪورنگي کان D.H.Aفيز 8 تائين جنھن بند تي ھاڻي ملير (Express way) ٺھي ٿو جنھن جو اعلان موجوده وزير اعليٰ ڪري چڪو آھي يعني ڪورنگي واري ڄام صادق علي پل کان سپر ھائي وي D.H.A سٽي تائين.

ان ڳالھه جا تفصيل ان وقت جي پروجيڪٽ انجينئر محترم غلام سرور ابڙو جيڪو ھن وقت رٽائر آھي ان ٻڌايو ته پروجيڪٽ جي ڊزائين ماھر انجنيئرن تيار ڪئي ڊيگھه ويڪر ۽ اوچائي (اُمڪ) ملير ندي جي تاريخي وھڪرن ۽ مينھن کي ڏسي، جڏهن ته ان ملير نديءَ کي سوڙھو ڪرڻ ڪراچي شھر لاءِ تباھي جو سبب ٿيندو ڇو ته شھر مان مينھن جي پاڻيءَ جي قدرتي نيڪال جو نظام پڻ ملير ۽ لياري نديءَ تي رکيل آھي. پيپلزپارٽي جي 2008ع ۾ حڪومت اچڻ کانپوءِ ان وقت جي ملڪي صدر جي چوڻ تي وزيراعليٰ قائم علي شاھه ملير نديءَ جي پيٽ کي ٽيون حصو سوڙھو ڪري نئون بند ٺاھڻ جو حڪم ڪيو ۽ اھا زمين سڄي ندي بحريا ٽائون کان ملير ، لانڍي ، شاھه فيصل ٽائون ، محمود آباد کان DHA فيز 8 تائين کپائي ڇڏي. جنهن کي ميان نواز شريف جي حڪومت دوران (2013-2018) نيب ڪاروائي ڪري ان کي سوڙھو ڪرڻ جي عمل کي روڪي ڇڏيو ھئو جيڪو اڃا تائين روڪيل آھي جڏهن ته انهي جو ڪيس (NAB) ۾ قائم علي شاھه ۽ سرڪاري ڪامورن تي ھلندڙ آھي، اميد ته انصاف ٿيندو ۽ ملوث ماڻھن کي سزائون اينديون.

مطلب ته سنڌ جي زمينن جي ناجائز وڪري جي ابتدا بينظير ڀٽو ۽ عبدالله شاھه ڪئي،  پر انتھا بلاول زرداري ۽ مراد علي شاھه ڪري ڇڏي آھي. جيڪي اڳتي وڌيڪ ملير، ٺٽو ۽ خصوصن ڄامشوري ضلعي ۾ ٽپي پيا آھن اتان بحريا ٽائون ۽ ٻين ڪيترين اسڪيمن لاءِ ماڻھن جي نالي تي زمينن جا ڪوڙا کاتا ٺھرائي پيسن عيوض ۽ پوءِ انھن کي مختلف بلڊر مافيا جي حوالي ڪندا پيا وڃن ته جيئن ڌاري آباديءَ جي منظم والار ٿوري وقت ۾ ٿي وڃي. تمام تيزيءَ سان سنڌ جي ٽن ضلعن ملير ، ٺٽو ۽ ڄامشورو ۾ زمينن جا ناجائز کاتا روينيو، ليئنڊ يوٽيلائيزيشن ڪوآپريٽو سوسائٽي ۽ رجسٽريشن آفيسن جا بي ايمان سنڌ دشمن ڪامورا ڪري رھيا آھن. انھن سرڪاري عملدارن سان گڏ علائقي جا وڏيرا ، سردار ۽ عوامي نمائنده ايم پي اي ۽ ايم اين اي پڻ ڪميشن تي بروڪرن وارو ڪم پيا ڪن.

ان ناجائز سنڌ دشمن عمل کي رياست جو ڪو به ادارو  نٿو روڪي نه سنڌ حڪومت ، نه وفاقي حڪومت ۽ نه ئي عدالتون. ان ڏکائيندڙ صورتحال ۾ ڪاٺوڙ جي رھاڪن مان ڪجھه غيرتمند مرد ۽ عورتن مئي 2021ع ۾ بحريا انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت جي ناجائزين خلاف احتجاج ڪندي بلڊوزر ۽ ٻين مشينن جي سامھون آيا ۽ احتجاج ڪيائون. انھن سان يڪجھتي طور سنڌ ايڪشن ڪميٽيءَ 6 جون 2021ع تي سپر ھائي وي M-9  تي پرامن احتجاج جو سڏ ڏنو جنھن ۾ لکين مقامي ۽ سنڌ جي باشعور عوام گڏ ٿي احتجاج ڪيو ته سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي سنڌ ائڪشن ڪميٽي ۾ شامل جماعتن جي اڳواڻن ۽ مظاهري ۾ شامل  هزارين ماڻهن تي دھشتگردي جي ڏوھن جا ATC ڪورٽن ۾ ڪيس ڪرايا آھن، پر افسوس جو ان معاملي تي بااثر، لالچي ۽ پيداگير ته مجرماڻي خاموشي اختيارڪريو ويٺا آھن، پر اتي قومي ڪارڪنن جي ھمت کي سلام پيش ٿا ڪريون جو سندن بي ڊپائي ۽ انهن جي جدوجھد قوم ۾ فتح جي اميد پيدا ڪئي آھي.

” جِتِ ڪوڙين ڪِينَ ڪُڇنِ اُت پَاٻوھي پڌرو “شاھه

وقتي طور ته طاقتور عوامي احتجاج ۽ غيور قومي ڪارڪنن جي جرئت بحريا ٽائون ڪراچيءَ جي ڀرپاسي رھندڙن خلاف سنڌ حڪومت ۽ بلڊر مافيا جي ناجائز آپريشن کي روڪيو، پر مستقل حل لاءِ سنڌ جي ماڻھن خصوصن متاثر عوام کي اھو ڏسڻو پوندو ته جن اسان جي زمينن ۽ سنڌ جي مفادن جي وڪري عيوض پنھنجا قبرستان ٺھرايا، ملڪ اندر توڙي ٻاھر محل ٺاھيا ۽ ملڪيتون ورتيون غير ملڪي بئنڪن ۾ اربين ڊالرن جا بيلنس ٺاھيا ان جي عيوض سنڌ جي موجوده حڪمران جماعت ڪٺ پتلين وانگر نچي سياست ۾ ٽپا ۽ گھمريون ڏيندي نظر پئي اچي.انهي سموري صورتحال کي ڏسندي آءُ مستقل حل لاءِ پھرين ضلعو ملير، ٺٽو ۽ ڄامشورو جي متاثر علائقن جي ماڻھن کي هوشيار ٿو ڪريان ته ماضيءَ جي واقعن ۽ غلطين کي ڏسندي خود احتسابي جي عمل مان گذرندي مستقبل ۾ کين پنھنجن علائقن مان سنڌ دشمن بااثر فردن ۽ جماعتن کان سياسي طور لاتعلق ٿيڻون پوندو ٻئي صورت ۾ سندن زمينون ته وينديون ان سان گڏوگڏ سنڌ ڪنهن وڏي مشڪل ۾ پئجي ويندي.

سَــرھــا ڏِٺم سي ، جَــنِ ساڃــاءَ سراڻ سين ،

تيغ تَنِي جي کي ، ڪَٽُ نه لڳي ڪڏھين

                                                 (شاھ)

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.