وفاقي بجليءَ جي بلن تي ٽيڪس ۽ سنڌ حڪومت جي اوڳاڙي

تحرير: مقصود يوسفي

وفاقي حڪومت انڪم ٽيڪس ادا ڪندڙن کان ٽيڪس جي وصوليءَ لاءِ بجليءَ جي بلن تي 5 کان 35 سيڪڙو تائين ايڊوانس ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت ڪراچيءَ جي شهرين کان بجليءَ جي بلن ذريعي وڌيڪ 9- ارب ٽيڪس وصول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي ايڊمنسٽريٽر مرتضى وهاب جي مرتب ڪيل پلان کي سنڌ جي وڏي وزير منظور ڪندي، کيس يقين ڏياريون آهي ته تجويز ڪيل ٽيڪس کي ڪي اليڪٽرڪ ذريعي وصول ڪرڻ لاءِ وفاق کان منظوري ڏياربي.  ان فيصلي کان اڳ سنڌ حڪومت جو هڪ اعلى سطحي اجلاس ٿيو هو جنهن جي صدارت سنڌ جي وڏي وزير ڪئي هُئي جنهن ۾ ڪراچيءَ جو ايڊمنسٽريٽر مرتضى وهاب ۽ ڪي اليڪٽرڪ ۽ ڪي ايم سيءَ جا اعلى عهديدار شامل ٿيا ها.

اجلاس ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي بلن جي ذريعي ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سيز جا لوڪل ٽيڪس وصول ڪرڻ جي طريقي ڪار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت لوڪل ٽيڪس وصول ڪري ڪراچيءَ جي بلدياتي ادارن کي مالي طور تي مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿي، سنڌ حڪومت جو موقف آهي ته ڪي ايم سي مختلف قسم جا 13 ٽيڪس وصول ڪري ٿي، جڏهن ته تجويز ڪيل پلان تحت ڪي  اليڪٽرڪ جي بلن جي ذريعي سنڌ حڪومت ڪي ايم سي جا مجموعي طور تي ٻه ٽيڪس فائر ٽيڪس ۽  ڪنزروينسي ٽيڪس وصول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪي ايم سي هن وقت انهن ٻنهي ٽيڪسن مان ساليانو 210 ملين روپيه وصول ڪري ٿي جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ پنهنجن بلن جي ذريعي ڪراچيءَ جي 2.56 ملين واهپيدارن کان 100 روپين کان 200 ڪي ايم سي لاءِ وصول ڪندي.

هتي اها ڳالهه پڻ ذڪر جوڳي آهي ته ڪي ايم سي پڻ، ڪي اليڪٽرڪ جي هڪ وڏي رقم جي باقيدار آهي، اخبارن ۾ اهڙيون خبرون به اينديون رهنديون آهن ته ڪي ايم سي پاران بجليءَ جون رهتون ادارن نه ڪرڻ ڪري ڪي ايم سي جي مختلف ادارن جي بجلي ڪاٽا ڪئي وئي آهي. جڏهن ته سنڌ حڪومت ڪي اليڪٽرڪ جي انتظاميه کي اها پڻ خاطري ڪرائي آهي ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت جي تجويز تي عمل ڪيو ويو ته عين ممڪن آهي ڪي ايم سي طرف، ڪي اليڪٽرڪ جون رهتون پڻ ڪي اليڪٽرڪ کي وصول ٿي پون، سنڌ حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت ڪي اليڪٽرڪ جي بلن ذريعي ٽيڪس جي وصوليءَ متعلق وفاق سان ڳالهيون ڪري ڪي اليڪٽرڪ کي قانوني طور تي اجازت ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪندي. ته جيئن ڪي اليڪٽرڪ بجليءَ جي بلن ذريعي ڪي ايم سي جا ٽيڪس وصول ڪري سگهي.

سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته حڪومت مقامي ٽيڪسن جي اوڳاڙيءَ ذريعي ڪي ايم سيءَ کي مالي طور تي مستحڪم ڪرڻ گهري ٿي ته جيئن شهر اندر وڌ کان وڌ ترقياتي ڪم ٿي سگهن، جڏهن ته ڪجهه پارٽين سميت وفاقي حڪومت جي ڪيترن وزيرن پڻ سنڌ حڪومت جي اهڙي فيصلي جي مخالفت ڪئي آهي.

سنڌ حڪومت بدلياتي ادارن جا ٽيڪس وصول ڪرڻ لاءِ ڪي اليٽرڪ جي بلن کي استعمال ڪرڻ جي جيڪا تجويز پيش ڪئي آهي، ان جي وفاقي حڪومت منظوري ڏئي ٿي يا نه اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو، پر هن وقت اهو سوال اڀري ٿو ته سنڌ حڪومت کي مڪاني ادارن جي مالي پوزيشن بهتر بنائڻ لاءِ جيڪو خيال آهي، اهو به ان وقت آيو آهي جڏهن سموري سنڌ جي بلدياتي ادارن ۽ انهن جي مالي معاملن متعلق ڪنٽرول خود سنڌ حڪومت جي هٿ ۾ آهي. سنڌ ۾ بلدياتي ادارا پنهنجي مدت پوري ڪري ختم ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڪراچيءَ جي مڪاني ادارن جي سربراهي گهڻي قدر ايم ڪيو ايم پاڪستان جي نمائندن جي هٿ ۾ هُئي، ايم ڪيو ايم پاڪستان جو ميئر ۽ شهر جي ڊي ايم سي جا سربراهه آخري دم تائين اهو ئي چوندا رهيا ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت انهن کي مناسب فنڊ جاري ڪري ها ته اسان ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرائي سگهون ها ، اها ڳالهه انتهائي افسوس جي آهي ته ڪراچيءَ جو هن وقت ايڊ منسٽريٽر جي عهدي تي فائز رهندڙ قانون جي ماهر کي ان وقت اهڙو ڪوبه خيال ذهن ۾ نه آيو جڏهن ايم ڪيو ايم پاڪستان جا نمائنده ڪراچيءَ جي مڪاني ادارن جا سربراهه هيا. موجوده صورتحال ۾ اها ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته هن وقت ڪراچيءَ جو ايڊيمنسٽريٽر رهندڙ مرتضى وهاب اڃاب تائين ته اهڙي قسم جو ڪوبه ڪارنامون سرانجام ڏئي نه سگهيو آهي جنهن سان ڪراچيءَ جي شهرين جون دليون کٽي سگهي، پر هُن پنهنجي ذهانت سان سنڌ حڪومت کي جيڪو 9- ارب روپيا گڏ ڪرڻ جو رستو ڏيکاريو آهي ان سان سنڌ حڪومت جي دل ضرور کٽي وٺندو.

سنڌ حڪومت جيڪا هميشه وفاقي حڪومت تي ٽيڪسن ۽ مهانگائيءَ جي حوالي سان انتهائي تنقيد ڪندي رهندي آهي ان کي پاڻ به سوچڻ گهرجي ته ڪراچيءَ جي عوام تي وڌيڪ سو  ٻه سو رپيا ماهورا جو بار وجهڻ مناسب آهي يا نه. سنڌ حڪومت جو ڪراچي واٽر اينڊ سوريج بورڊ وڏي بي قائدگيءَ سان ڪراچيءَ جي شهرين کان واٽر اينڊ سيوريج ٽيڪس وصول ڪري ٿو، ڇا سنڌ حڪومت اهو ٻڌائي سگهندي ته ان باجود سنڌ حڪومت شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو نظام فراهم ڪري سگهي آهي. جيڪڏهن ڪا حڪومت اڳ ئي وصول ٿيندڙ ٽيڪسن جي آڌار تي شهرين کي گهربل سهولتون فراهم نه ٿي ڪري سگهي ته پوءِ ان کي قانوني ۽ اخلاقي حوالي سان وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ نه گهرجن.

ٻئي طرف وفاقي حڪومت ٽيڪس ادا نه ڪندڙن کان بجليءَ جي بلن ذريعي ٽيڪس وصول ڪرڻ وارو جيڪو فيصلو ڪيو آهي اهو ڪنهن حد تائين درست آهي ان جو فيصلو به وقت ئي ڪندو ، وفاقي حڪومت جي اهڙي فيصلي مان پهرين ڳالهه ته اها ظاهر ٿي رهي آهي ته ايف بي آر ٽيڪس وصول ڪرڻ واري عمل ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، ٻي ڳالهه ته بجليءَ جي بلن ذريعي ٽيڪس وصول ڪرڻ واري عمل ۾ سڀ کان وڏي ڪمزوري اها آهي ته اڪثر ٽيڪس ادا ڪندڙ جن گهرن ۾ رهن ٿا يا دفترن ۾ ڪاروبار ڪن ٿا انهن ۾ جيڪي ميٽر لڳل آهن اهي انهن جي مالڪن جي نالن تي لڳل آهن، هاڻي جيڪڏهن انهن جا ٽيڪس انهن جي مالڪن جي نالن تي اچڻ شروع ٿي ويا ته پوءِ مسئلا پيدا ٿيندا، جڏهن ته اهو به مشاهدي ۾ آيو آهي ته جڏهن ماڻهو دفتر يا گهر خريد ڪندا آهن ته اڪثر ماڻهو يوٽيلٽي بل پنهنجن نالن تي منتقل نه ڪرائيندا آهن، اهڙي نموني بجليءَ جي بلن ذريعي جيڪا به ٽيڪس وصول ڪئي ويندي اها يا ته اڳوڻي مالڪ جي نالن تي هوندي يا وري گهر يا دفتر جي مالڪ جي نالي تي هوندي، نتيجي ۾ حڪومت عوام جي جنهن اڪثريت کي ٽيڪس جي دائري ۾ آڻن گهري ٿي اهي ٽيڪس ادا ڪرڻ کان بچي ويندا. ان ڏس ۾ اها ڳالهه به سوچڻ جي آهي ته سموري دنيا ۾ پاڪستان سميت ڪوڊ -19 جي ڪري جيڪو معاشي بحران آيو آهي ان ۾ ماڻهن جي آمدنيءَ جا ذريعا انتهائي گهٽجي ويا آهن، اهڙي صورتحال ۾ حڪومت لاءِ اها ڳالهه ڪيتري حد تائين زيب ڏيندڙ آهي ته عوام تي مختلف قسم جا ۽ نوان نوان ٽيڪس لاڳو ڪيا وڃن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.