سياسي ڪلابازيون ۽ سکڻن واعدن جي ور چڙھيل عوام

تحرير: ايڊووڪيٽ امر امتياز

وري ٻيھر بلدياتي چونڊن جو چوٻول کڻي سياسي کيڏارين جون سکڻيون ڪلابازيون شروع ٿي ويون آھن. اڇن ڪارن پيجارن ۽ لينڊ ڪروزرن ۾ نوان ھارون نئين انداز ۾ پان پان ڪرڻ لاءِ لڳايا ويا آهن. واٺن پنھنجا شھپر وٽڻ لاء تيل چمنين مان ڳاڙي شيشين ۾ وجھڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي. شيطان صفت انسان جيڪي ٻن پاڙيوارن کي ويڙھائي وري رئيس ڀوتار جي بنگلن تي فيصلن لاءِ گھلي کين ذليل خوار ڪرائي غريبن اٻوجھن کان چٽيون ڀرائي ڪامورن جي نظر ۾ پيا پاڻ وڻائيندا، انھن بدمعاشن جي چڱ مڙسي صرف ايتري حد تائين ھوندي آھي، پر اسان جو غربت جي چڪيءَ ۾ پيٺل عوام اھڙن ماڻھن جي رحم ڪرم تي ھوندو آھي، ڇوته ٻيو ڪوبه حيلو وسيلو نه سمجھندي مفلسي جو توق ڳلي ۾ گھلي عوام وري به انھن آڱوٺي ڇاپ ماڻھن جي پويان وتندو پنھنجي عزت جو تماشو ڪندو!اھڙن ڪردارن کي وائکو ڪرڻ ھر ساڃاھه وند جو ڪم آھي پر ھتي ڪوبه پنھنجي ذميواري محسوس ڪرڻ لاءِ تيار ناھي؟انڪري جو پڙھيل لکيل شعوري عوام اھڙن سردارن، ڪامورن، ۽ سياسي کيڏارين سان ياري رکڻ جو خواھشمند ھوندو آھي، ھو بس ايترو چاھيندو آھي ته سندس رسائي سمورن راڄن جي  چڱن تائين ھجي جو وقت پوڻ تي سندن پٺڀرائي ٿي سگھي، ٿاڻن تي رسائي ڪرائڻ، روينيو تائين رسائي، ھلڪن ڦلڪن چڱن جي چمچن تي داٻو رکڻ ۽ پنھنجي پڙھيل لکيل ھجڻ جو رعب تاب رکڻ لاء اھڙن پڙھيل لکيل جاھلن جو دماغ به غلاميءَ جي زنجيرن کان آجو نه ٿي سگھيو آھي، اھڙا ماڻھو وري ڪلفي ڪاٽن پائي پنھنجي اولاد لاءِ پڻ موچارين نوڪرين خاطر آڱوٺي ڇاپ سياسي اڳواڻن جي ويگو گاڏين پويان پنھنجن پٽن سميت گاڏيون ڊوڙائي جلسن جلوسن جي اڳڀرائي ڪري ڪوشش ڪندا آھن ته سياسي اڳواڻن سان سيلفيون ڪڍي اوڙي پاڙي کي متاثر ڪري سگھن.

ان سموري عمل دوران اسانجا سماج سڌارڪ اڳواڻ پڻ سائين جن جي بوٽن جون ڏوريون کوليندڙن جي صف اول ۾ بيٺل نظر ايندا آھن، ڇو جو کين کي به آسرو ھوندو آھي ته کٽڻ کانپوءِ پنھنجي گھر جو گاڏو ھلائڻ لاءِ انھن ئي سياسي ماڻهن  کان اسڪيمون وٺڻيون آھن، سماجي ڪمن جي نالن تي نيرا ۽ ناسي نوٽ وٺڻا آھن، مطلب ته اھي سماجي اڳواڻ به ٽوپي ڊرامي ۾ حصو وٺندا رھن ٿا ۽ سياسي اڳواڻن جا بوٽ ڪڇ ۾ ڪري اسٽيج جي پوئين ڀر بيھي پاڻ چمڪائڻ لاءِ ڪوشان رھن ٿا!

توھان اندازو ئي نه ڪري سگھندوءُ ته ھر ڳوٺ وسندي واھڻ مان ھڪڙو چڱو مڙس ضرور نڪرندو جيڪو سڄو ڏينھن سياسي ڏيڏرن جي بنگلن ٻاھران ڊرائيورن، پٽوالن، گارڊن سان ياري رکڻ جي چڪر ۾ پيو پاڻ ذليل ڪرائيندو، ۽ شام جو ڳوٺ واپس ورڻ کانپوءِ غربت، مفلسي ۾ پيڙھيل ماڻھن سان وٺي سردار ڀوتار ۽ سياسي کيڏارين جي عزت افزائي جا قصيده پڙھندو، ۽ سندن نيڪي ڪندو، ۽ کين متاثر ڪندو ته انھن ڪزاڪن کان وڌيڪ ڪو معتبر، مانائتو، شانائتو، عزتدار ڪو ماڻھو ئي ناھي! پارلياماني سياست اڻٽر آهي اوھان جو موقف هڪڙي ڳالھه ته  عام آھي جيڪا ھر شعوري ماڻهو سمجھي سگھي ٿو ته مذهبي ۽ سياسي جنوني ڪيفيت رکندڙ ماڻهو رهن ئي غريب علائقن ۾ ٿا جن سان سياست ۽ مذهب جا دڪان هلن ٿا پوءِ ڏتڙيل به اهي علائقا جن وٽ هر شيءِ جي اوڻاٺ رهي ٿي پر سياستدان به انهن کي اوندھ ۾ رکي ٿو يا رکڻ چاهي ٿو ته جيئن انهن جا ڪاروبار هلن. ھاڻ سياسي اڳواڻن جو متفقه منشور جيڪو عوام کي بيوقوف ٺاھڻ لاءِ ھربي طور استعمال ڪيو ويندو  آهي ته ملڪ ۾ بحراني صورتحال آهي ۽ مسئلن جو حل عام چونڊن ۾ آهي، ھر پارٽيءَ جو سياسي ليڊر ٽان ٽان ڪري چوندو آھي ته اسانجي پارٽي قانون جي بالادستي ۽ عدالتي فيصلن تي عمل ڪرائڻ چاهي ٿي. سياسي ڊيڊ لاڪ مان ٽئين قوت کي فائدو وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. پو وري سياسي ڪلابازيون ڏئي چوندا وتندا ته اسان چاهيون ٿا ته هن ڀيري عام چونڊن ۾ ڳجهن هٿن کي مداخلت ڪرڻ جو موقعو نه ملي ، شفاف ۽ اڻ ڌريون چونڊون يقيني بڻائڻ لاءِ غيرتڪراري اليڪشن ڪميشن جو قيام اڻٽر آهي . چونڊون جمهوريت جي علامت ھونديون آهن ۽ جمهوريت جو بنياد عوامي راءِ کانسواءِ ناممڪن آهي پر بدقسمتيءَ سان اسان وٽ چونڊن جو طريقو ڪجهه مختلف آهي، هتي پئسي ۽ ڏنڊي جي زور تي پولنگن تي قبضا ڪيا وڃن ٿا، اھڙيءَ ريت ماڻھن کي ھيسائڻ وڏيرن جي واٺن جي چرچ تي عوام جي تذليل ڪرائڻ، مخالفن جي پولنگ ايجنٽس کي بي عزتو ڪرڻ پنهنجو حق سمجهيو وڃي ٿو، دنيا جھان جي عورتن کي جمھوريت جو بنياد سمجھي آزاديءَ ڏئي انسانيت جو وڏي ۾ وڏو ثبوط پيش ڪيو ٿو وڃي ۽ اسانجي عرضِ پاڪ تي عورتن کي پنهنجي راءِ جي اظهار کان روڪڻ لاءِ مختلف حربا هلائي باغيرت ٿيڻ جا ثبوت ڏنا وڃن ٿا، پولنگ عملي کي خريد ڪرڻ پهرين ترجيع بنائي وڃي ٿي، مطلب ته چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪارڪردگي کانسواءِ هر اهو قدم کڻڻ کي پنهنجو حق سمجهيو ٿو وڃي، جيڪو هر لحاظ کان غير جمهوري ۽ غير قانوني هوندو آهي، غير فطري، غير سياسي، ۽ غير شرعي آھي پوءِ به اسان وٽ تاثر آهي ته چونڊون جمهوريت جو بنياد آهن..

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.