طالبان کي سمجهائڻ ڏکيو ڪم آهي  

تحرير: رياض ابڙو 

پروسڪي وارز، سول وارز، ملڪن جي اندر گهرو ويڙھ ڪرائيندڙ ايجنسيون ۽ انهن جي پٺيان لڪل هٿ هاڻي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ڏکيا ناهن رهيا يا عام ماڻهن کي اهي رسورسز نه هجن يا ماڻهن ۾ اها سمجهھ سوچ نه هجي جن کي ويٺو اهو سمجهائجي ته هاڻي اسلامي انقلاب پرپا ٿيندو طالبان ماڻهن ۾ جنت جون ٽڪيٽون مفت ۾ ورهائيندا ۽ جيڪو به طالبان ڪندا ٿا وتن اهو هاڻي اهڙو راز آهي جيڪو افشان نه ٿي سگهندو يا انهن جي پٺيان ڪنهن جا هٿ آهن سمجهڻ ڏکيو آهي يا انهن جا پيرا ڪاڏي ٿا وڃن ته اهو سراسر ڌوڪو ۽ غلط بياني هوندي، ڇو ته ميڊيا جي آزادي، سوشل ميڊيا تي ڊيٽا ۽ معلومات جي آساني ۽ ماڻهن جي ڪنن ۾ سس پس، کليل ڪچهريون، بحث مباحثا ڪا به ڳالھه باقي نه ٿا رهائن جو اسان ان ڳالھه جي تصديق نه ڪري سگهون ته آخر ٿئي ڇا ٿو ۽ ٿيندو ڇا؟ وري طالبان جو اهو ايڏو پراڻو راڳ آهي ته طالبان کي جي اقتدار ۾ شراڪت ملندي ته طالبان سڌري پوندا، جيئن گهر جي ڏنگي ٻار کي سڀ ويٺا سمجهائيندا آهن ۽ روز روز نيون نيون فلاسافيون کڻي ان جي آڏو حاضر ٿيندا آهن ته من نه من چوڻ وٺي، سڌري پئي ۽ اسان جي ڳالھه سمجهي، يا اها فنامنا به سمجھڻ جهڙي آهي ته ڏنگي ٻار کان سڀ ڊڄندا به آهن ته متان ڪو ذيان نه ڪري وجهي، ساڳي ڳالھه طالبان سان به وابسطا ڪري سگهجي ٿي.

وري اسان واري خان جي ڳالھه به عجيب آهي ته معنيٰ ”وڻي نه وڻي گرھ کڻي“ هن جو ڇا جو هي طالبان کي سمجهائيندو ته طالبان هاڻي پنهنجي اقتدار ۾ انهن طالبان مخالف گروهن ۽ قومن کي به حصو پتي ڏين جنهن ۾ ازبڪ، هزارا، قازڪ، تاجڪ، ترڪ ۽ ٻيون سنهيون ٿلهيون قومون ۽ گروھ آهن، جنهن سان افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي ايندي، پر اها ڳالھه جي ائين به هئي ته اشرف غنيءَ جي سرڪار ۾ ڀلا اهي باغي طالبان گروھ هڪ اڌ وزارت وٺي ويهن ها، جي انهن جي ارادن ۽ نيتن ۾ ائين به هيو ته ڪري ڇڏين ها ۽ افغانستان ۾ امن بحال ٿي وڃي ها يا ساڳي ڳالھه ڀلا اسان وٽ به آهي، ته سواءِ مذهبي امور جي ٻي ڪهڙي وزارت آهي جيڪا ملان مولوين جي حوالي ڪئي ٿي وڃي يا اهي هلائي به سگهن ٿا جن ۾ آءِ ٽي کان وٺي صحت ۽ گهرو وزارتون وغيره، پوءِ ته قصو ئي ختم ٿئي ها ۽ ڳالھه ختم شده، ۽ هاڻي جڏهن طالبان جو قبضو ٿي ويو آهي ته پوءِ اهي هاڻي اهڙي شراڪتداري ڪيئن چاهيندا ته هي ڪنهن به مخالف ڌر کي ڊالرن کائڻ جي صلاح ڪن ۽ اهي طالبان مخالف ڌڙا هنن سان گڏ حڪومت ۾ ويهي رهن، ڇو ته طالبان جي امن سان رهڻ ۾ سڀني ملڪن ۽ قومن جو فائدو آهي جيڪو بين الاقوامي سطح تي لاڳيتو راڳ به آلاپن ٿا ته اهي طالبان سڀاڻي انهن ملڪن سان واپار ڪن، صنعتون هڻن، ايڪسپورٽس ۽ امپورٽس به وڌائي سگهن، پر اهو ديواني جو خواب آهي جيڪو پورو ناهي ٿيڻو.

پر اتي چين جي ڪوششن جي تعريف ڪجي جو سواءِ افغان رياست جي ٻيون جيڪي به بالٽڪ رياستون آهن اهي روسي ۽ چيني چنبي ۾ آهن ان ڪري دوشنبا (تاجڪستان) ۾ شنگهائي سمٽ ڪانفرسن به معني ٿي رکي، جنهن ۾ تاجڪستان جي صدر اموم علي رحمون (امام علي رحمان) جو اهو چوڻ به بجا آهي ته طالبان هاڻي سڀني گروهن کي گڏ کڻي هلن پر ائين ٿيندو نه ڇو ته جي اهي طالبان مهڙ کان ئي امن جا خواهان هجن ها ته ائين نه ڪن ها، پر هنن پختون گروهن کي پنهنجي پارلياماني گروپن ۾ نه ڪي ڪو اقليتي گروھ کپي، نه ڪو ڪا عورت اڳواڻ ۽ سربراھ کپي، ان ڪري ته انهن کي پوءِ اهڙي طرح پنهنجي سرڪار هلائڻي به آهي، جنهن ۾ ڪو به غير طالبان ۽ آمريڪي ناپسنديده گروھ شامل نه هجي، ڪو به غير افغان ۽ پختون نه هجي جيڪو هنن جي ڪم ۾ رخنو وجهي، پوءِ اسان واري خان کي اهڙي سيبتائپ پاڻ وٽ رکڻ کپندي هئي جو هي پاڻ ڪهڙو اپوزيشن سان ڳالھه ڳالھه ۾ سهمت بيٺو آهي جيڪو ٻين جي لاءِ اهڙيون صلاحون کڻي ٿو ڀڄي.

ان چيني ڪانفرسن ۾ شامل روسي، چيني ۽ افغانستان جي سڀني پاڙيسري ملڪن به اهڙيون ئي ڳالهيون ڪيون، پر خان ته طالبان سان الڳ ڪيل ملاقات جو خلاصو عام نه ڪيو ته طالبان هن سان ڪهڙيون راز ۽ نياز جون ڳالهيون ڪيون، هن خان جي طالبان سان ڳالهين جو ڪهڙو کڙتيل نڪتو، ان ڪانفرنس ۾ ولادمير پيوٽن پنهنجي تقرير ۾ اهو به چيو ته هاڻي طالبان جي قبضي کانپوءِ افغانستان جي سڄي زميداري طالبان جي حوالي آهي ته اهي هاڻي ملڪ کي ڪيئن ٿا هلائن، ڇو ته ملڪ کي معاشي ڏايوالي جو خطرو پنهنجي جاءِ تي، ملڪ ۾ عورتن جي حقن کان وٺي، تعليم، صنتعن، فيڪٽرين، روزگار، ايڪسپورٽ، امپورٽ ۽ ملڪ جي سيڪيورٽي جي صورتحال ڳنڀير ضرور آهي جنهن ۾ هنن کي هر دم اهو کٽڪو رهندو ته اهي ٻين گروهن سان امن سان رهندا يا انهن سان جنگ ۽ ويڙھ ڪندا رهندا، ڇو ته هنن جي هٿن مان بندوقون ڪرن ئي نه ٿيون، اهي هٿيار ڦٽو ئي نه ٿا ڪن، انهن وٽ اها ڳالھه ناهي جهڙي دنيا جي ٻين سياسي پارٽين ۾ هوندي آهي، ائين ناهي ته اسان جي ملڪي سياسي پارٽين جي هٿن ۾ اليڪشن کان اڳ ۽ اليڪشن کانپوءِ هٿيار ئي هٿيار هوندا آهن، پر هنن طالبان ۾ اهو خوف به ضرور آهي ته هنن جي هٿيار رکيا ته اهي ڦرجي لٽجي ويندا، پوءِ اهڙي صورتحال ۾ پيوٽن (روسي صدر) چئي يا زي جنگپنگ (چيني صدر) چئي يا کڻي تاجڪستان جو صدر چئي، ٿيندو ڪجھه نه ۽ طالبان ڪندا اهو جيڪو انهن کي انهن جو آقا حڪم ڪندو، معني جي امن جون ڳالهيون ڪرڻيون هجن ته پوءِ طالبان ڇو؟ اشرف غني ڇو نه، ڪميونسٽ ڌڙا ڇو نه، اهي سڀ طالبان مخالف ڌڙا ڇو نه.

پوءِ جي طالبان امن پسند ٿي ويا ته انهن جو مشن ناڪام ٿي ويندو ۽ جيڪو طالبان چاهيندا نه، پر اها فلاسافي به سمجهڻ جھڙي آهي ته طالبان سان اهڙيون ماڊرن رياست جون ڳالهيون، بهترين حڪومت ۽ امن پسندي جون صلاحون، ترقي پسند حڪومتن جي سيٽ اپ جون ڳالھيون ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي، ڇو ته اهي ڪڏهن به نه ڪندا (وري اها وڏي سائنس آهي ته جن طلبان جي ڪري پاڪستان گري لسٽ ۾ هليو ويو اهو ملڪ هاڻي آمريڪي آشيرواد جي ڪري وري ٽيررسٽ لسٽ مان نڪري ويو، جو پاڪستان تي اهو به الزام هيو ته هي انهن طالبان جي مدد ڪندا ٿا رهن، اهي سڀ پروسڪرائيبڊ آرگنائيزيشن پاڪستان ۾ پناھ وٺي ويٺيون آهن ۽ پاڪستان انهن تي پاڻ حملا ۽ فوجي آپريشن ڪري پر هاڻي وري اهي سڀ ٽيررسٽ گروھ ٺيڪ ٿي ويا ته پوءِ پاڪستان به گري لسٽ مان ٻاهر اچي، پاڪستان تان به سختيون ختم ڪيون وڃن، انهن سختين جي ڪري آءِ ايم ايف کان قرضن جون قسطون به نه ٿيون ڇٽن، ورلڊ بئينڪ الڳ سختيون ڪيون ويٺو آهي، پوءِ اها شامت هٽي جو افغان طالبان هاڻي سي آءِ اي جي پاڻيءَ سان وضو ڪري ورتو آهي، هاڻي پاڪستان به انهن زنجيرن مان آزاد ٿئي).

پر طالبان جي اهڙي ڊِٺَ جي پويان افغان رياست جي تباهي هوندي جو جيڪڏهن هنن اهڙو ضد برقرار رکيو ته هلندڙ سال پاڙيسري ملڪ هنن سان معاشي ۽ واپاري ناتا ٽوڙي ڇڏيندا، ڪو به ملڪ پوءِ اهڙي حڪومت سان رابطا بحال نه ڪندو جو هنن وٽ نه ايڪسپورٽ هوندي نه ئي ڪا امپورٽ ڪري سگهندا، ۽ جي ائين ئي رهيو ته افغانستان ۾ غربت 90 سيڪڙو کان به وڌي ويندي، پر وري حيرت اها به آهي ته ان ڳالھه جو سڄو بار ۽ زميداري اسان جي مٿان ئي آهي ته هر ڳالھه ۾ اسان کي طالبان جو ساٿ ڏيڻو آ، پهرين آمريڪا جڏهن هنن کي ڪجھه به نه چيو يا انهن اڏن گهرڻ جي ڳالھه نه ڪئي جو انهن جي جنگي اسٽريٽجي ٻي هئي پر اسان وارو خان وري به طالبان جو پاسو ٿي بيٺو ۽ انهن جي همدرديءَ جا دهل وڄائيندو رهيو، پر ٿيو اهو جيڪو سي آءِ اي کي سمجهھ ۾ آيو ۽ جيڪو طالبان جي نيت ۾ هيو.

توڻي جو دوها ۽ تهران جي ڳالهين جا ڊراما به ڪندا رهيا ته جيئن دنيا ڏسي ته طالبان ڪيڏا نه طاقتور آهن ۽ انهن سان واقعي ڪا الهامي ۽ لڪل طاقت گڏ آهي، جنهن جي ڪري اهي ڪنهن جي به نه ٿا مڃن، جڏهن ته اها ڳالھه پڌري پٽ پئي آهي جنهن ملڪ ۾ غربت 90 سيڪڙو کان به وڌيڪ هجي، جنهن ملڪ ۾ غربت، بيروزگاري، اڻهوند، کاڌي پيتي جي شين جو کوٽ، دوائن ۽ طبي امداد جو فقدان، نه ڪا ايڪسپورٽ، نه ڪا خاطرخواھ امپورٽ، نه ڪا جي ڊي پي، وري عام ماڻهن جي حالت اها جو 8 لک باغي ۽ غريب ماڻهو بارڊرن تي ڀڄي نڪتا هجن جو اتي يو اين او جا امدادي عملا، بين الاقوامي مدد، ۽ ٻين ملڪن جي آسري هجن ۽ ان آسري هجن ته رڳو سرحد کلي ته وٺي ڀڄن، (خاص طور اسان جي ملڪ ۽ اسان جي شهرن ڏي، جيڪي خير سان پڄي به چڪا آهن) پوءِ اهو ملڪ وري آمريڪا کي للڪاريندو، ڳالهھ سمجھه کان مٿي آهي ته اسان ڀلا اهڙيون ڊاڙون انهن مذهبي گروهن جون ڇو ٻڌون جن ۾ ڪا صداقت ۽ سچائي ناهي، ان ڪري هاڻي به هي طالبان رڳو سي آءِ اي جي اشاري جا منتظر آهن جيئن اهي آقا چوندا هي آمنا صدقنا ڪندا ويندا ۽ ٻين جي نه ٻڌندا.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.