مير مرتضيٰ ڀٽو جي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ورسي تقريب

نئون ديرو(رپورٽ : ارشاد علي ميراڻي) پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي چئيرمين مير مرتضيٰ ڀٽو جي 25 ورسي عقيدت ۽ احترام سان ڳڙهي  خدابخش ڀٽو ۾ ملهائي وئي ان موقعي تي سنڌ جي مختلف ضلعن مان  آيل قافلا ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ پهتا جن شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي مزارون تي حاضري ڀري گلن جون چادريون چاڙهي فاتح خواني ڪئي ان موقعي تي پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو پاران مزار جي سامهون جلسي جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ پاڪستان ڀر کان آيل پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻن شرڪت ڪئي جنهن ۾ ڪي پي ڪي کان آيل سليم شاهه، پنجاب جو صدر جاويد اقبال، سي اي سي  ميمبر فقير يوسف پتيجو، سي اي سي ميمبر قاضي ممتاز، سي اي سي ميمبر فيروزه لاشاري، مامو رحيم، ورسي ڪميٽي چئيرمين محمد زبير، نيڪ محمد ڪورائي ، نديم قريشي، ايبٽ اباد کان آيل مرڪزي اڳواڻ سليم جاويد بٽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو ميمبر غلام حيدر ناريجو چيو ته اسان 25 سالن کان انصاف ٿا گهرون مگر مير جي قتل کي 25 سال ٿي ويا هن سان انصاف نٿو ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.