طالبان افغانستان ۾ آءِ پي ايل جون ميچون ڏيکارڻ تي پابندي هڻي ڇڏي

ڪابل (م ڊ) طالبان افغانستان ۾ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جون ميچون ڏيکارڻ تي پابندي هڻي ڇڏي. آءِ پي ايل جو 14هون  سيزن گڏيل عرب امارتن ۾ جاري آهي، جنهن ۾ ڪيترائي پرڏيهي رانديگر پڻ شريڪ آهن، جڏهن ته طالبان افغانستان تي ڪنٽرول کانپوءِ آءِ پي ايل جي نشريات تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. افغان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي ميڊيا مئنيجر ابراهيم مومند ٽوئيٽ ذريعي ٻڌايو ته طالبان قومي ٽي وي تي آءِ پي ايل جون ميچون ڏيکارڻ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. هوڏانهن افغان صحافي انيس الرحمان به ٽوئيٽ ڪندي چيو ته افغان اسپورٽس چئنل آر ٽي اي اسپورٽس ٽرانسميشن لاءِ فيس به ادا ڪري چڪا آهن. ان حوالي سان طالبان طرفان ڪو بيان سامهون ناهي آيو.

صحت، تعليم، عدليه ۾ عورتن جي فوري ضرورت آهي: طالبان

ڪابل(م ڊ) طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته ڇوڪرين جي اسڪول وڃڻ بابت قاعدا ضابطا تيار ڪري رهيا آهيو، عالمي  فنڊن تي شرط رکڻ غيرمناسب آهي، عورتن جي آفيسن ۾ واپسي لاءِ وزارتن کي گائيڊلائنز جاري ڪيون پيون وڃن، هن چيو ته عالمي برادري سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، داعش افغانستان لاءِ ڪو به خطرو ناهي، هن چيو ته صحت، اعليٰ تعليم، اسڪول، پوليس ۽ عدليه جي شعبن ۾ عورتن جي فوري ضرورت آهي، ڪجهه ادارن ۾ عورتن ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.