افغانين جي آبادڪاري، پاڻي تي ڌاڙي ۽ ھزارين ملازمن جي برطرفين خلاف ڪيو اي ٽي جا ڌرڻا

ڪورنگي/ڪشمور/وارهه (نمائندن وٽان) افغانين جي آبادڪاري خلاف ۽ غير قانوني پرڏيھين جي نيڪالي لاء، پاڻي تي ڌاڙي، سئي گئس ۽ ٻين وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي نوڪرين مان سنڌ جي ھزارين ملازمن جي  برطرفين ۽ زمينن تي قبضن ۽ پاڻي تي ڌاڙن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شھرن ۾ ڪالهه 20ھين ڏينھن به احتجاجي مظاھرا ۽ ريليون ڪڍي احتجاج ڪيو ويو۔ ان ڏس ۾ ڪراچي ڪورنگي جي علائقي الله آباد ڪالوني کان منور برھماڻي، حسين سنڌي، لال بخش راھمون ۽ فياض پليجو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ڪشمور ۾ سجاد بروھي، فدا محمداڻي،  زبير ڪلوڙ، شاھ علي سھرياڻي، غفور لاشاري، شاھمور سھرياڻي، ظفر لانگاھ ۽ موتي رام ، وارهه ۾ عنايت لاشاري، اڪبر خاصخيلي، معشوق مرکنڊ، محمد پناھ تنيو، اياز سرتاج چانڊيو، عبدالحفيظ تنيو، اشفاق سنڌي، ايڊووڪيٽ ضمير احمد سيال، ڪفار لاکو، يونس ڪانڌڙو، اياز مغيري، عبدالرحمان مگسي، حاڪم خاصخيلي، فراز خاصخيلي ء ٻين عوامي ھائوس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو۔ ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ھڪ پاسي سنڌ م ڌارين کي آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف وري سنڌي ماڻھن کي نوڪرين مان برطرف ڪري زمينن تي قبضا ڪري ۽  پاڻي جي کوٽ پيدا ڪري لکين ھارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي، بحريا ٽائون، ذوالفقار آباد ۽ ٻين منصوبن جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تان قبضا ختم ڪيا وڃن۔ سڌو تي ٺاھيل ڌاڙيل واھ چشمه جھلم لنڪ ڪئنال، تونسا پنجند لنڪ ڪئنال، گريٽر ٿل ڪئنال بند ڪري سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي۔ لکين غير قانوني بنگالين، بھارين ۽ ٻين غير قانوني پرڏيھين کي واپس پنھنجي ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.