لاڙڪاڻي ۾ ڪارروائيون، 4 گهربل ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس ڏوهارين خلاف ڪاروائيون ڪندي قتل، ڌاڙي ۽ منشيات فروشي جي ڪيسن جي اشتهاري، روپوش ۽ گهربل  4 جوابدارن کي گرفتار ڪري چوري ٿيل موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه باڊهه پوليس جت لاڙي وٽان مقتولا عورت افروز جوڻيجو جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار نظير جوڻيجو کي، رحمت پور پوليس ريلوي ڦاٽڪ تان ڌاڙن ۽ پوليس مقابلن جي سنگين نوعيت ڪيسن جي روپوش جوابدار صالح ڪلهوڙو کي، تعلقه پوليس قمبر روڊ تان چيڪنگ دوران منشيات فروش جوابدار رضوان احمد کي اڌ ڪلو چرس سميت ۽ علي گوهر آباد ڦل روڊ تان سنگين نوعيت جي 15 کان وڌيڪ ڪيسن جي اشتهاري جوابدار ننگر عرف بخت ابڙو کي گرفتار ڪري ورتو. ٻئي پاسي حيدري پوليس شهري روشن ڀٽو جي چوري ٿيل 10 هزار روپيه روڪ رقم ۽ شهري مسعود احمد جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري اصل مالڪن حوالي ڪري ڇڏي آهي. 07

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.