غلام حسين رنگريز جو چاليهو ملهائڻ جون تياريون

ميرپوربٺورو (ن ع آ)ا ديب، شاعر، اڳوڻي سنڌي ادبي  سنگت جي سيڪريٽري غلام حسين رنگريز جي چاليھي تي جلسو ڪرڻ جون تياريون جاري سنڌي ادبي سنگت جي نور محمد کيبر، غلام نبي زئور، غلام رسول پرھياڙ، قومي پارٽي جي قادربخش زئور، سجاد ميراڻي، اديب ذولقفار ميمڻ۔جوجو زئور، قربان زئور ۽ ٻين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي 9 آڪٽوبر تي چاليھو ملھائڻ جي تيارين جو جائزو ورتو ويو۔انھي سلسلي ۾ اڳواڻن چيو ته غلام حسين رنگريز جو چاليھو ادبي سنگت طرفان ڀرپور طريقي سان ملھايو ويندو ھر مڪتب فڪر جي ماڻھو کي دعوت ڏبي.  جيڪي رنگريز جي سياسي۔ادبي۔سماجي۔زندگي تي روشني وجھندا۔ غلام حسين رنگريز ھڪ شخص نه پر ادارو ھو سندس وڇوڙي جو خال ڪڏھن به ڀرجي نه سگھندو غلام حسين رنگريز سنڌ ڌرتي کي آزاد خوشحال ڏسڻ ٿي چاھيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.