سيوهڻ ۾ بدامني خلاف ايس يو پي پاران علامتي بک هڙتال، نعري بازي

سيوھڻ(ن ع آ ) سيوھڻ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سيوھڻ پاران ڌمال چوڪ وٽ  ھڪ ڏينھن لاء علامتي بک هڙتال ڪئي وئي ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي ضلعي صدر درياه خان لغاري, اصغر سولنگي, آزاد منصور چنا, نواز رند, فريد ٻگھيو, غفورنوحاڻي, ڪمانڊو شاھد ھاليپوٽو, مريد بروھي, امام علي جتوئي ۽ ٻين ميڊيا آڏو ڳالھائيندي چيو ته سيوھڻ پوليس جي نااهلي سبب شھر ۾ بدامني ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي ھڪ مھيني جي اندر ڦر جون 3 وڏيون وارداتون ڏينهن ڏٺي جو ٿيون آهن جنھن ۾ موبائل فرنچائيز جي ٻن آفسن مان ۽ ھڪ موبائل جي دوڪان مان ڦرن جون وارداتون ٿيون جنھن ۾ ھٿياربند لکين روپيا ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا ھنن چيو ته  شھر ۾ موٽر سائيڪلون ڦر ٿيڻ جا واقعا روز جو معمول بڻجي چڪا آهن پر ايس ايس پي ڄامشورو ۽ سيوھڻ پوليس ڏوھن کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي ۽ ڏوھن ۾ ڏينھون ڏينھن واڌ اچي رھي آهي جڏهن ته پوليس ڏوھن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪا به حڪمت عملي ناھي جوڙي سگھي جنهن ڪري شھرين ۽ واپارين ۾ بيچيني جي لھر ڇانيل آهي. ھنن آئي جي سنڌ ۽ ڊي آئي جي حيدرآباد کان گھر ڪئي آهي ته ايس ايس پي ڄامشورو ۽ ايس ايڇ او سيوھڻ ۽ ون فائيو انچارج کي ھٽائي سيوھڻ شھر ۾ وڌندڙ بدامني کي روڪڻ لاءِ ھنگامي بنيادن تي حڪمت عملي جوڙي ڏوھارين خلاف آپريشن شروع ڪري شھرين کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.