سنڌ ۾ قبائلي جهيڙا ۽ پوليس جو ناڪاري ڪردار!

تحرير: ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

سکر ضلعي ۾ پهريون ڀيرو مقرر ٿيل پوليس آفيسر عرفان علي سمون پاران هڪ وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ سکر ضلعي جي 49 پوليس ڊپارٽمينٽ جي ملازمن خلاف ڪارروائي جو حڪم جاري ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن. ان ڳالهه ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته سنڌ جي اترين ضلعن سکر، شڪارپور، گهوٽڪي توڙي جو ڪشمور-ڪنڌڪوٽ اندر ڪچو هجي توڙي پڪي وارن علائقن سميت شهرن، بازارن اندر سرعام رت جي راند چوٽ چڙهيل آهي، پراڻي دور ۾ جهيڙن جا پلاند به انوکا هوندا هُئا ته گڏوگڏ ڏوهن ۾ ملوث ڏوهارين جون سرگرميون به انوکيون هونديون هيون، ان زماني جا ڌاڙيل جنهن ۾ صدورو شيخ، جنهن بابت ته فلمون به ٺاهيون ويون، گڏوگڏ پاڻ نظرو ناريجو جي ڪارروائين کي به ڏسي سگهون ٿا. گڏوگڏ انهي ضلعن ۾ دهشت جي علامت بڻيل کُر بگڙي چاچڙ به هڪ وڏو بدنام ڌاڙيل ٿي گذريو آهي، جنهن جو ته نالو وٺندي تنهن ڏينهن ماڻهن جا لڱ ئي ڪانڊارجي ويندا هُئا، انهن بدنام ۽ ناليوارن ڌاڙيلن سان گڏ ڪمال فقير شيخ به هڪ وڏو ڌاڙيل نالو رهيو آهي.

مجموعي طور ماضي کان وٺي اڄ جي ڌاڙيل جيئندو جاگيراڻي توڙي جو جهنگل تيغاڻي تائين تجزيو ڪبو ته آخر اِهي ماڻهو يا جيڪي بدنام ڌاڙيل مارجي ويا يا ڪنهن مقابلي ۾ ماريا ويا ته انهن جو اهڙن ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جو ڪارڻ ڇا هو يا ڇا آهي. يقينن اِهو هڪ وڏو فصيح موضوع آهي ۽ حساس اِشو به آهي، ڇو ته ڌاڙيل، ڏوهاري يا مفرور ماڻهو آخر ته انهن جي اندر ۾ به دل آهي، اڄ سوڌو اُهي نالا جيڪي جهنگ جي زندگي گذاري رهيا آهن، هڪڙي ڳالهه ته مڃڻ جي لائق آهي جو اڄڪلهه جي هن جديد ۽ ٽيڪنالاجي واري دور ۾ انهن جهنگن ۽ ٻيلن اندر رهندڙ ماڻهن وٽ هر سهولت سان گڏوگڏ شهري رهواسين کان ٻيڻي ۽ چئوڻي انفارميشن هجي ٿي، پاڻ انهن جهنگن ۽ ٻيلن ۾ رهندڙن جي ٻين سهولتن کي ڇڏي رڳو سوشل ميڊيا تي جيڪي پيغام وائرل ڪيا وڃن ٿا، تن جو ته اندازو لڳائي سمجهي سگهون ٿا ته انهن ڏوهارين يا مفرور ماڻهن کي هر گهڙي ۽ پل پل جي رپورٽ معلوم هجي ٿي، مون گذريل شماري ۾ هڪ موضوع کي وائکو ڪندي موبائيل جي استعمال مان فائدن ۽ نقصانن جو مختصر ذڪر ڪيو هُو ته اڄ هن موبائيل جيترو فائدو ڏنو آهي ته اوترو ان جو نقصان به آهي.

سوشل ميڊيا تي انتهائي دل ڏکوئيندڙ پيغام وائرل ٿيڻ کانپوءِ اڄ جيڪي حالتون وڃي پهتيون آهن تن جو نتيجو خبر ناهي ته ايندڙ وقت ۾ ڇا ملڻو آهي، ڇوته اڄ حالتون يقينن وس وارن کان ٻاهر نڪري رهيون آهن، مون شروعاتي سٽن ۾ لکيو ته اڳ جا ڌاڙيل جيڪي ڪارروايون ڪندا هُئا ۽ نتيجي ۾ جيڪي مطالبا ڪندا هئا تن وارداتن ۽ اڄ جي ڪارروائين جو ته ڪو حساب ئي ڪونهي. هي ڌاڙا، قتل، اغوا، ڦرون ڪا نئين انڊسٽري ناهي، ڪراچي کان ڪشمور تائين اُهي ماضي جا واقعا، جنهن ۾ جاپاني سياحن جو اغوا هجي يا چينين جي اغوا جي واردات هجي، تنهن وقت جي ايم اين اي نويد قمر، پير مظهر توڙي جو فيصل ڪاڇيلو جي اغوا جو مشهور واقعو يا وري سال 2004ع ۾ شڪارپور ضلعي جي پوليس ٿاڻي ڊکڻ وٽ هڪ پوليس چوڪي ويجهو ٽن ايڊيشنل سيشن ججز آفتاب ٻگهيو، فاروق چنا ۽ عبدالوهاب عباسي جو اغوا وارو واقعو هجي، گڏوگڏ ڌاڙيلن جتي سياسي اڳواڻن سان گڏ ججن کي به ڪونه بخشو پر تن سالن دوران مشهور راڳي منظور سخيراڻي جهڙي مولائي ماڻهو کي به راهن تان کنڀيو ويو، وقت جي رفتار سان جيڪي به واقعا ٿيا يا انهن کانپوءِ انتظاميا يا حڪومتون حرڪت ۾ آيون ۽ وڏا وڏا آپريشن به ڪيا ويا پر نتيجي ۾ انهن ڏينهن ۾ به وقت جي انتظاميا ۽ حڪومتي نمائندن کي ائين ٽياڪڙي ڪرڻي پئي جيئن ٽن ججن جي اغوا واري واقعي کانپوءِ شڪارپور پوليس تنهن وقت جي بدنام ڌاڙيل بچو تيغاڻي سان ٽياڪڙي بعد اغوا ٿيل جج 28 جنوري سال 2005ع تي آزاد ڪرايا هئا، اهڙي طرح جيڪي به هاءِ پروفائيل واقعا ٿيا تن ۾ اِهو ته ڪڏهن به ڪونه ٻڌو ويو ته فلاڻي اغوا جي واقعي کانپوءِ پوليس جي آپريشن دوران ڪو مغوي بازياب ڪرايو ويو هجي، روايتي دعوائون ڪرڻ ته اسان جي سنڌ پوليس جي پراڻي عادت ئي رهي آهي.

تازو سکر پوليس جي انهن 49 ملازمن گڏوگڏ ٻن ايس ايڇ اوز خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. جن تي اِهي الزام آهن ته اُهي پوليس اهلڪار ڏوهارين جا ساٿاري آهن، انهن 49 ملازمن ۾ 21 ڄڻن کي نوڪرين تان برطرف ڪيو ويو آهي ۽ مختلف ٿاڻن ۽ تعلقن جي ٻن ايس ايڇ اوز سميت 28 ڄڻن کي نوڪرين تان معطل ڪيو ويو آهي. جن ۾ محمد علي چوهاڻ، قاسم ابڙو، عابد قريشي، امان الله ڪلوڙ، جمعو خان، ممتاز ڪورائي، مراد چاچڙ ۽ ٻيا نالا پڻ شامل آهن، تاريخ ۾ شايد سنڌ پوليس جو اهڙو ڪارنامو پهريون ئي هجي، جنهن ۾ ضلعي جي پوليس ڪمانڊر اهڙن ماڻهن خلاف ايڪشن کنيو آهي، آئون ضرور اهڙي عمل تي خراج تحسين پيش ڪندس ڇو ته قانون جا رکوالا خود ئي قانون جي خلاف ورزي ۾ ملوث هجن ته پوءِ اهڙن ماڻهن کي قانون ۽ حفاظت جي سنڀار ڪرڻ لاءِ مقرر ڪرڻ هڪ ناانصافي ۽ اداري جي نااهلي چئي سگهجي ٿي.

مٿي ذڪر ڪيل ضلعن ۾ اڄ ڌاڙيلن خلاف وڏي وٺ پڪڙ ۽ سندن انهن علائقن شهرن ۾ رهواسين جو جيڪو ساهه مُٺ ۾ اچي چڪو آهي، تنهن بابت ته ڪاٿو ئي نه ٿو لڳائي سگهجي، ٻئي طرف جيڪا سوشل ميڊيا تي انهن ڪچي ۽ ٻيلن ۾ رهندڙ ڏوهارين پاران غير مهذب ٻولي استعمال ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ جهيڙيندڙ ٻئي ڌريون ته انهي ٻولي جي استعمال دوران آپي مان به نڪري چُڪيون آهن، گڏوگڏ ڪشمور ضلعي جي ڪچي جا ڏوهاري يا وري شڪارپور ضلعي جي ڪچي جا شڪاري جن بابت اِهو عام تاثر آهي ته اُهي شڪارپور جي ڪچي جا ڌاڙيل عورتاڻي آواز تي ماڻهن کي گهرائي پاڻ وٽ قيد ڪري رکن ٿا ۽ بعد ۾ پوليس کي وڏا وڏا چئلينج ڏئي اهڙيون وڊيوز وائرل ڪيون وڃن ٿيون، جيڪي پوليس جي نااهلي وائکي ٿيون ڪري ڇڏين.

مجموعي طور ڏٺو ويو آهي ته نه رڳو اڄ سوشل ميڊيا ذريعي تازو ڪشمور جي ڪچي واري علائقي ۾ چاچڙ-سبزوئي ۽ جاگيراڻي ڌريون هڪٻئي کي چئلينج ڪري رهيا آهن پر خيرپور ضلعي جا اوڍا ۽ ناريجا ڌريون ته پنهنجن پنهنجن ٺڪاڻن تي ويهي وڏي هام هڻي علائقي جي انهن پرامن شهرين جو ساهه سڪائي ڇڏيو اٿن، جيڪي غريب ماڻهو ورهين کان انهن علائقن ۾ رهائش پذير رهيا آهن، چيو پيو وڃي ته انهن ڪچي ۽ ٻيلن ۾ رهندڙ ڌاڙيلن يا وري ڏوهارين وٽ هزارين ايڪڙ ڪچي ۽ ٻيلي کاتي جي زمين آهي، جيڪا زمين ظاهري طور تي ته درياهه جي پيٽ ۾ اچي ٿي ۽ جڏهن درياهه بادشاهه پنهنجي موج ۾ اچي ٿو ته انهي ڪچي وارن علائقن ۾ پاڻي ئي پاڻي هوندو آهي، تنهن ڪري انهن مڙني ڪچي وارن علائقن ۾ خريف جو فصل ته هرگز ڪونه ٿو ٿئي، باقي اِهي ڪچي جا بادشاهه ربيع جو فصل جن ۾ ڪڻڪ، چڻا، مٽر، سرنهن ۽ ٻيون ڀاڄيون وغيره عام طور ڪري پنهنجا ٺٺ ڪندا آهن، هڪڙي انٽرويو ۾ خود ڪچي جي بدنام ڌاڙيل جنهن خلاف تازو شڪارپور ۽ ڪشمور ضلعن جي پوليس هڪ ٻئي جي مدد سان مقابلا ڏيکاري موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو، خير اِها ڳالهه ته اڄ تائين مشڪوڪ آهي ته بدنام ڌاڙيل جهنگل تيغاڻي ۽ ساٿي جو موت پوليس مقابلو هو يا ڪا ڊيل هُئي ۽ پوليس مقابلو ڏيکاري بدنام ڌاڙيل جهنگل تيغاڻي کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو. موت جي منهن چڙهڻ کان پهريان جڏهن شڪارپور جي ڪچي ۾ بدنام ڌاڙيل جهنگل تيغاڻي خلاف پوليس رڻ ٻاري ڏنو هو ته تنهن دوران انهي ڌاڙيل جي ڪچي توڙي پڪي واري علائقي ۾ هڪ وڏي هاڪ اِن ڪري به مشهور ٿي جو هُن ڪچي ۾ جنهن ان وقت جي پوليس ڪمانڊر مسعود بنگش ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيو ته نه صرف بڪتربند گاڏيون ڦرائي آيا پر گڏوگڏ ٽن اهلڪارن جا رت سان رنڱيل لاش به شڪارپور پوليس پاڻ سان کڻي آئي، نتيجي ۾ انهي بدنام ڌاڙيل جهنگل تيغاڻي جي ٽولي پوليس اهلڪارن کي ته شهيد ڪيو پر گڏوگڏ اُها بڪتربند گاڏي به پنهنجي تحويل ۾ آڻي ان مٿان چڙهي خوشي مان ناچ به ڪيو هو، جنهن سان پوليس جي وڏي بدنامي ٿي.

جهنگل تيغاڻي جي ڏاڍ مڙسي واري هاڪ کانپوءِ جڏهن مختلف صحافين هن کان انٽرويو ورتا ۽ پڇيو ويو ته توهان هي هٿيار ڇو کنيا ۽ ڪنهن کڻايا، هن مختصر ٻڌايو ته اسان تي ماڻهو اغوا ڪرڻ جا ڪوڙا الزام آهن ۽ مون وٽ 200 ايڪڙ ڪچي جي زمين آهي، جيڪو ڪچو ڪيٽي ڪشمور ۾ اچي ٿو، هن انٽرويو ۾ چيو ته ڳڙهي تيغو کي بلا ڪنهن جواز بدنام ڪيو پيو وڃي، اسان جا بجاراڻين ۽ اوڳاهين سان جهيڙا ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي ذات ۽ برادري کي بچائڻ لاءِ هي جديد هٿيار هٿن ۾ کنيا آهن، جن جي کڻڻ جو شوق هرگز ڪونه هو پر حالات ۽ مجبورين هي تڪليفون ڏيکاريون آهن، هن جو چوڻ هو ته اسان وٽ ڪڏهن به پوليس ڪونه ايندي آهي، هو پسگردائي جي ٻن راڄ ۽ ڀاڳ وارن ماڻهن جا خالي ڪکاوان گهر ڊاهي باهيون ڏئي ڪوڙا مقابلا ڏيکارين ٿا. هن انٽرويو ۾ چيو ته اسان پنهنجي هن جهنگل واري زندگي مان خوش هرگز ڪونه آهيون، عام معافي ڏني وڃي، هي قبائلي جهيڙا سردار ختم ڪرائين ته اسان هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، جهنگل تيغاڻي جي ڏنل انهي انٽرويو مان اهو ثابت ٿي رهيو هو ته جيڪڏهن هي قبائلي جهيڙا ختم ٿي وڃن ته هو هرگز هٿيارن جي پهري واري زندگي گذارڻ نه ٿا چاهين، ساڳئي وقت هڪ ٻي ڪشمور جي ڪچي واري علائقي مان بدنام ڌاڙيل ثنو شر به سوشل ميڊيا تي پنهنجي رڪارڊنگ ۾ پيغام ڏنو ته خدارا هي قبائلي جهيڙا ختم ڪرايو، اسان کي هٿ وٺي بدنام ۽ گولين جو کاڄ نه بڻايو وڃي، ان لاءِ برادري جا سردار پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪن.

شڪارپور، ڪشمور ڪنڌڪوٽ گهوٽڪي يا وري سکر خيرپور جي ڪچي وارن علائقن ۾ گذريل ڊگهي عرصي کان وٺي جيڪي ڌاڙيلن جا ٽولا سرگرم آهن، انهن ۾ اڄ سوڌو جيڪي ٽولا پوليس جي نظر هيٺ آهن، تن ۾ ڌاڙيل رهزن محمداڻي، جيئند جاگيراڻي، خادم ڀيو، تيغاني گينگ، سلطو شر سميت ڪيترائي ٽولا اڄ انهن ڪچي وارن علائقن ۾ رهائش پذير آهن، حقيقي طور ڏسجي ته اُنهن ماڻهن هي هٿيار ڇو کنيا ۽ انهن پٺيان ڪنهن جا هٿ ٿي سگهن ٿا، سا ڳالهه ته کير ۽ کنڊ کان به وڌيڪ چٽي ۽ صاف پئي آهي. محمداڻي، جاگيراڻي، تيغاڻي، ڀيو توڙي جو شر سميت جيڪي به ذاتيون ڌاڙيلن جي ٽولي واري صورت ۾ ڪچي اندر رهن ٿيون، انهن جا ٻين برادرين سان جهيڙا هلندڙ آهن، جيئند جاگيراڻي جيڪو هن وقت سوشل ميڊيا تي چاچڙ برادري جا خون ڪري وڏي فخر سان ٽهڪ ته ڏي ٿو، گڏوگڏ هتان جي ضلعي پوليس ڪمانڊر خلاف جيڪا نازيبا ٻولي استعمال ڪئي پئي وڃي تنهن ته وڏا وڏا سوال اٿاري ڇڏيا آهن ته آخر انهن ڪچي ۾ رهندڙ ڌاڙيلن ۾ ايتري قوت ڪٿان ڀري وئي آهي جو نه رڳو هو 12 مقتولن جي وارثن يعني چاچڙ برادري جا چئلينج وارا پيغام پر گڏوگڏ ايس ايس پي ڪشمور جنهن جي اِن ڳالهه ۾ ته ڪو شڪ ناهي جو انهي بهادر پوليس ڪمانڊر انهن ڏوهارين جا اڄ سوڌو سڀ گهٽ گهير ضرور تنگ ڪيا آهن پر انهن جاگيراڻي ٽولي يا سبزوئي ڌُر پاران چاچڙ برادري جي گهرن مٿان حملو ڪري 12 ڳڀرو هڪ ئي جاءِ تي موت جي منهن ۾ ڌڪيا ويا تن جي سزا ته اڄ سوڌو انهن جوابدارن کي ملي ڪونه سگهي آهي، باقي ضلعي پوليس انهن ڏوهارين خلاف جيڪا وٺ پڪڙ ڪئي آهي تن حالتن کانپوءِ اڄ اُهي ڪچي جا بدنام ڏوهاري رستا تنگ ٿي وڃڻ کانپوءِ پوليس مٿان هنيانءُ جي باهه ڪڍڻ لاءِ گارگند تي به لهي آيا آهن، منهنجي خيال ۾ اهڙي استعمال ٿيندڙ ٻولي انهن جوابدار ڌرين کي هرگز ڪونه ٿي سونهي، اهڙين ٻولين جي استعمال کانپوءِ هي پيدا ٿيل صورتحال ڪنهن ٽياڪڙي طرف وڃڻ بدران ڏکي ۽ مشڪل صورتحال جو رُخ ڪري رهي آهي. سوشل ميڊيا تي اهڙا پيغام ۽ چئلينج ڏيندڙ انهن ڏوهارين کي اِها خبر هجڻ گهرجي ته ماضي ۾ دنيا جي مشهور شخصيت جنهن جو مثال نه رڳو پاڪستان پر يورپي ملڪن ۾ به ڏنو ويندو آهي، جڏهن وقت ۽ حالات تبديل ٿيا ته نواب اڪبر خان بگٽي کي ڪهڙي طرح آپريشن دوران شهيد ڪيو ويو. جنهن جو نتيجو ته اڄ هر ٻچو ٻچو به ڄاڻي ٿو ۽ گڏوگڏ آمر مشرف انهي آپريشن سان گڏوگڏ پنهنجي هوڏ ڏيکاري ڪهڙا ٻيا ناسور ڪارناما ڪيا تن جو نتيجو اڄ هو خود ڀوڳي رهيو آهي. آمر مشرف به تڪبر ڪيو هو، مون پنهنجن سٽن ۾ اِهو واضح ڪيو آهي ته تڪبر شيطان ڪيو آهي، تنهن لاءِ هر وقت توبهه ڪرڻ گهرجي. اڄ شڪارپور-ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ جا وڏا ناليوارا بدنام ڌاڙيل رياست کي جن لفظن ۾ چئلينج ڪري چند ايڪڙ زمين تي ۽ چند ٽٽل ۽ ڦٽل ٻيلن جو سهارو وٺي ويٺا آهن انهن ۾ ڏوهاري جيئند جاگيراڻي هجي يا ڪي ٻيا سرگرم هجن انهن کي وقت کان پهريان دنياوي طاقتور ماڻهن جي ماضي ۾ وڃڻ گهرجي ۽ گڏوگڏ تازو جيڪو جهنگل تيغاڻي ڪارنامو ڪيو ۽ انجام تي به پهچايو ويو، هي سڀ زنده مثال کين سمجهڻ لاءِ سبق ئي آهي، اڄ ڄاڻايل ضلعن ۾ تمام ڏکي ۽ سنگين صورتحال کانپوءِ اُتان جي پرامن شهرين سان ڇا وهي واپري رهيو آهي، گڏوگڏ انهن 12 چاچڙ برادري جي مقتولن جي وارثن سان اڄ سوڌو ڪهڙو انصاف ٿيو آهي، آخر هن اترين ضلعن مان انهن ڏوهارين جو خاتمو ڪڏهن ۽ ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو، اِهو هڪ وڏو سوال آهي.

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.