مڪلي ۾ هفتي کان پاڻي جو بحران

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) ضلعي ٺٽي جي ھيڊ ڪواٽر مڪلي تي گذريل ھڪ ھفتي کان پاڻي جي رسد بند ھجڻ ڪري شھري پاڻي  جي ڦڙي ڦڙي لاء پريشان آھن، مڪلي شھر سميت اسپاس جي ڳوٺن سمورن سرڪاري اسڪولن، مسجدن، امام بارگاھن ۾ بہ پاڻي جي ساڳئي کوٽ برقرار آھي، جنھن ڪري شھري پيئڻ جو پاڻي خريدڻ ۽ پري پري کان آڻڻ تي مجبور بڻيل آھن، جتي ٽينڪر مافيا جا جاوا ٿي ويا آھن، جيڪي عوام کي ٻنھي ھٿن سان ڦرڻ ۾ مصروف بڻيل آھن، پر انتظاميا پاڻي جي کوٽ توڙي متبادل پاڻي جو بندوبست ڪري ناھي سگھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.