سکر ۾ مبينا مقابلو، 3 ڄڻا زخمي حالت ۾ گرفتار

سکر(رپورٽ:شفيع محمدابڙو) سکر سي سيڪشن پوليس پاران دعويٰ ڪئي آهي ته ساڌو ٻيلو واري علائقي ۾ رات دير سان گشت دوران  پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، مقابلي دوران 3 ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون پنهنجي بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته سي سيڪشن پوليس جي ڏوهارين سان ٿيل مقابلي دوران 12 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گھربل ڍولڻ عرف ڍولو شر، علي ڏنو عرف گڊو لکڻ ۽ علي گل شيخ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندن قبضي مان ٽي ٽي پسٽل هٿ ڪيا ويا آهن. گرفتار ٿيل ڏوهاري سکر سميت مختلف ٿاڻن جي پوليس کي 25 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گھربل هئا. گرفتار ڏوهاري سکر شهر ۾ موٽر سائيڪل چوري، ڦر ڪندڙ گروهه جا سرگرم ڏوهاري آهن.ٻئي طرف پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ٽنهي نوجوانن کي ايس ايس پي سکر جي شوٽرن هڪ ئي جڳهه تي گوليون لڳائي زخمي ڪرڻ بابت زخمين جو چوڻ آهي ته هڪ هفتو اڳ پوليس بينگاهه گرفتار ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ بعد لکين روپيا رشوت طلب ڪئي نه ڏيڻ تي پوليس بيگناهه ڪوڙي مقابلي ۾زخمي ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.