لياري گينگ وار جو دهشتگرد گرفتار، ڪيترائي ماڻهو مارڻ جو اعتراف

ڪراچي (رپورٽر) سي ٽي ڊي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي چاڪيواڙه واري علائقي مان لياري گينگ وار جي ملا سهيل گروپ (عزير جان گروپ) سان تعلق رکندڙ  دهشتگرد معراج ولد منير احمد کي گرفتار ڪري ورتو، سندس قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا. جوابدار 2013ع ۾ گينگ وار ۾ شامل ٿيو، جاچ دوران هن 2015 ۽ 2016 ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي قتل ڪرڻ، ڀتي خوري ۽ ٻين سنگين ڏوهن جو اعتراف ڪيو، سندس خلاف ڪيترن ئي ٿاڻن تي ڪيس داخل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.