افغانستان : پنهنجو پنهنجو خير گهرو

تحرير: امتياز عالم

مون کي ياد ٿو اچي ته جڏهن ڪارگل جي جنگ ٿي هُئي تڏهن پاڪستان جي ڦاٿل جوانن کي واپس آڻڻ جو بندوبست ڪرڻ بعد ان وقت جو وزيراعظم ميان نواز شريف پاڪستان واپس آيو هو ته مون ان وقت جي پرڏيهي وزير سرتاج عزيز جي پڇڻ تي ميان صاحب کي اهو ئي مشورو ڏنو هو ته هو ڪارگل جي جنگ جي فتح جو هار پنهنجي ڳچيءَ ۾ نه وجهي ڇو جو اهو هار اڳتي هلي اوهان لاءِ گلن بجاءِ ڪنڊن جو هار بڻجي ويندو، پر تمام گهڻي دير ٿي چڪي هئي ۽ مشاهد حسين صاحب ” فتح جو هار“ نواز شريف حڪومت جي ڳلي ۾ وجهي چڪو هو.

افغانستان ۾ آمريڪا جي نڪري وڃڻ ۽ طالبان جي ڪابل تي فتح حاصل ڪرڻ بعد جڏهن فتح جا دهل وڄايا پئي ويا ۽ آمريڪا جي مٽي پليت ٿيڻ تي خوشيون ڪيون پئي ويون تڏهن مون پنهنجن گذريل ڪالمن ۽ ٽاڪ شوز ۾ بار بار اها ئي ڳالهه پئي ڪئي ته مهرباني ڪري هوش سنڀاليو، پر اسان جا جيڪي ريٽائرڊ تجزيه ڪار آهن انهن کي لغام ڪير ڏئي؟،  ۽ وري ان کان وڌيڪ طالبان جي حامين کي ڪير سمجهائي؟.

وزيراعظم عمران خان ته  ڪابل ۾ طالبان جي فتح کي ” افغانستان جون غلاميءَ جون زنجيرون ٽٽڻ“ قرار ڏئي ڇڏيو ۽ تحريڪ انصاف جي سمورا مشير ۽ وزير ان مهم تي نڪري پيا ته ڪيئن به ڪري طالبان جي فتح کي افغانستان جا تاريخ ۾ جي هڪڙي شاندار باب طور تي پيش ڪجي، اهڙي صورتحال ۾ آمريڪا جي استحصالي قوت کي پڻ پنهنجا زخم سيڪڻا پيا، ڇو جو حملن جي موٽ ۾ ملندڙ شڪستن جو عذاب به ته برداشت ڪرڻو پوندو. آمريڪا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ بلنڪن ڪانگريس جي ميمبرن جي مطالبي تي پاڪستان جي ٻه چاپڙي ڪردار تي انتهائي تنقيد ڪئي آهي، پاڪستان ۽ آمريڪا جي تعلقاتن کي نيئن سر ترتيب ڏيڻ جو اشارو ڏنو آهي، جيڪا پاڪستان کي هڪ سنجيده ڌمڪي  ئي سمجهڻ گهرجي، ظاهر آهي آمريڪا جو اهڙو بيان پنهنجي گهٽائيءَ جو بدلو وٺڻ لاءِ پڻ آهي جنهن جو پاڪستان جي حڪومتي اهلڪار منهن ٽوڙ جواب ڏئي رهيا آهن.

هاڻي اسان جنهن علائقائي اتحاد ( تنظيم آپريشن شنگهائي) جو سهارو ورتو آهي، ان به چين، روس ۽ ايران سميت طالبان جي سامهون اهي  ئي معاملا رکيا آهن جيڪي آمريڪا ۽ ان جا اتحادي الامارات اسلاميه افغانستان جي سامهون رکندا رهيا آهن، يعني افغانستان ۾ هڪ وسيع تر حڪومت جو قيام، افغان سرزمين تان دهشتگرديءَ جو خاتمو، شهرين ۽ عورتن کي برابريءَ جا حق ڏيڻ، منشيات جو خاتمو ۽ فلاحي عالمي ادارن کي آزاديءَ سان ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ شامل آهن. هاڻي جن طالبان جي حڪومت کي تسليم ڪندي افغان عوام جو ساٿ ڏيڻ تي زور ڀريو آهي ته اهي آهن پاڪستان جو وزيراعظم عمران خان ۽ پرڏيهي وزير، جڏهن ته چين، روس ۽ ايران، آمريڪا تي الزام مڙهيندي چيو آهي ته جنهن افغانستان کي درد ڏنو آهي اهو ئي افغانستان کي دوا به ڏئي، هاڻي جيڪڏهن دوا به آمريڪا کي ڏيڻي آهي ته پوءِ آمريڪا دوا پنهنجن شرطن تي ئي ڏيندو. جڏهن ته آمريڪا سميت سموري عالمي دنيا طالبان کي انهن جي عمل جي حوالي سان ڏسي رهي آهي ۽ انهن کي سندن جي دوحا واري سياسي دفتر ۾ ڪيل وعده ياد ڏياري رهي آهي.

هن وقت هڪ عجيب قسم جي مونجهه آهي، جيڪڏهن افغانستان جي پرڏيهي امداد بحال ٿئي ٿي ته نتيجي ۾ امارات اسلاميه مضبوط ٿئي ٿي ۽ ان جي آڪڙ وڌڻ جا امڪان آهن، طالبان جي نظري انتها پسنديءَ کي جيڪڏهن معتدل رکڻو آهي ته پوءِ انهن جي پرڏيهي امداد جي لالچ پوري ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ معاشي بدحالي ۽ طالبان جي سخت گيريءَ جي ڪري حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون. آمريڪا آسمان مان دهشت گرديءَ جي مرڪزن تي حملا ڪري انهن کي تباهه ۽ برباد ڪندو رهندو ۽ کيس هڪ افغان قومي رياست جي تعمير ۾ جيڪا ناڪامي ٿي آهي، هو ان کي مثال بنائڻ کان به نه ڪيٻائيندو پهريان وانگر ” مجاهدين جي ڪاميابي“ بعد دهشت گرديءَ خلاف جنگ جي خاتمي بعد آمريڪا جو گهڻي کان گهڻو مفاد نقصانن جي امڪانن کي گهٽ ڪرڻ آهي.

جيڪڏهن شنگهائي تعاون تنظيم افغانستان کي ساليانو پنج ست ارب ڊالر فراهم نه ٿي ڪري سگهي ته ان جي زباني جمع خرچ سان افغانستان کي تمام وڏو نقصان پهچندو، جنهن جا وري انتهائي خراب اثر پاڪستان، چين، وچ ايشيا، روس، ايران ۽ وچ اوڀر جي ملڪن تي پوندا، جڏهن ته پاڪستان ۽ ايران تي ان جا منفي اثر پوڻ شروع ٿي ويا آهن ، هاڻي پنهنجو پنهنجو خير گهرڻ جي گهڙي اچي پهتي آهي. مون پنهنجن گذريل ڪالمن ۾ چيو هو ته حالتن جي سنگينيءَ ڪري ٿي سگهي ٿو ته طالبان جو جهاد حالتن جي نذر ٿي ختم ٿي وڃي يا وري هو پنهنجي پراڻي روش تي رهندي اڪيلا ٿي وڃن، لڳي ٿو اهو نشو ته ختم ٿي رهيو آهي، پر اماراتي خمار اڃان باقي آهي. هن وقت ڪابل جي مسند تي دوحا سياسي دفتر جي نمائندن کي پوئتي ڌڪيو ويو آهي ۽ اڳين صفن ۾ جهادي ڪمانڊر اچي ويا آهن ۽ هاڻي وري پراڻي سوچ ۽ فڪر واري طالبان حڪومت وري ڪابل جي مسند تي ويهي چڪي آهي.

هن وقت تائين طالبان ٽي مثبت اشارا ڏنا آهن، پرڏيهي شهرين جي افغانستان مان ٻاهر نڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ، پرڏيهي فلاحي تنظيمن جي ادارن کي آزاديءَ سان ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ ۽ دهشتگرديءَ کي روڪڻ واري پنهنجي وعدي جي تجديد ڪرڻ. اهو ئي سبب آهي ته  سيڪيورٽي ڪائونسل افغانستان جي مينڊينٽ کي ڇهن مهينن تائين وڌائيندي اهي ئي مطالبان دهرايا آهن جيڪي عالمي برادري طالبان کان ڪندي رهندي آهي، ان سان گڏوگڏ گڏيل قومن جي اداري افغانستان لاءِ هڪ ارب ڊالرن جي امداد جو به اعلان ڪيو آهي، پر ان سان گڏوگڏ طالبان تازو ئي جيڪي ٻه ٽي قدم کنيا آهن، انهن سان سندن جي عالمي حمايت کي ڪافي نقصان پهتو آهي.  سڀ کان وڏو ڌچڪو طالبان جي خالص حڪومت جي قيام ڪري طالبان کي لڳو آهي، طالبان جيڪا عارضي حڪومت قائم ڪئي آهي، ان ۾ سواءِ ٻن جي سڀ جو سڀ پختون آهن، جڏهن ته ڪابينه ۾ نه ته ڪا عورت شامل آهي ۽ نه ئي وري ڪو شيعه اڳواڻ شامل آهي، طالبان پنهنجي حڪومت کي جيڪو عارضي قرار ڏنو آهي، ان سان هو عالمي دنيا کي ڌوکو ڏئي نه ٿا سگهن.عورتن کي نوڪرين يا ڪمن ڪارين لاءِ گهر کان ٻاهر نڪرڻ تي پابندي لڳائيندي انهن ” عورتن جي ڀلائيءَ واري وزارت” جو نالو متائي ان جو نالو، ” برائيءَ کان روڪڻ ۽ نيڪي ڦهلائڻ واري وزارت ” رکي ڇڏيوآهي، جنهن جي عورتن خلاف ڪاررواين ڪري طالبان جي اڳوڻي حڪومت پڻ ڪافي بدنام ٿي هُئي.

طالبان حڪومت جي اهم وزارت تي انهن اڳواڻن کي مقرر ڪيو ويو آهي جيڪي عالمي طور تي دهشتگرديءَ جي ڪيسن ۾ گهربل آهن، پنجن وزيرن جا نالا عالمي طور تي دهشتگرديءَ جي حوالي سان انتهائي گهربل ڏوهارين جي لسٽ ۾ شامل آهن جڏهن ته پنج وزير آمريڪا جي گوانتاناموبي جي بدنام جيل مان آزاد ٿيل آهن.

طالبان جي ترجمانن جي نرم  گفتار ۽ انهن جي سلجهيل سفارتڪاريءَ، انهن جو آمريڪا سان دوحا معاهدو، افغانستان مان آمريڪا جي نڪري وڃڻ بعد انهن جي پيرين پنڌ ڪابل پهچي اقتدار تي قبضو ڪرڻ  ۽ اهڙي سموري عمل دوران آمريڪا جي خاموشي ۽ نيم رضا مان اهو ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿي تو ڪابل تي طالبان جي فتح ۾ آمريڪا جي منشا پڻ شامل ٿي سگهي ٿي، جنهن کان بد دل ٿي اشرف غني ڀڄي وڃڻ تي مجبور ٿيو. هاڻي دنيا طالبان جي چال چلت کي ڏسي رهي آهي، پر الائي ڇو، پاڪستان جي حڪومت کي جلدي آهي، تحريڪ طالبان پاڪستان، پنهنجي افغان ساٿين جي ڪاميابين مان اثر وٺي پاڪستان خلاف پنهنجي جهاد کي جاري رکيون پئي اچي جڏهن ته اسان انهن کي سواءِ گهرڻ جي معافي ڏيڻ لاءِ  تيار آهيون، آخر ڪيستائين پاڪستان ۽ ان جو عوام افغانستان جي حوالي سان حڪومت جي اڻ ڏٺل پاليسين جون سزائون پيا ڀوڳيندا؟.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.