هالا ۾ گهر مان چوري، پوليس ستل

هالا (ن ع آ) هالا ۾ بدامني عروج تي چورن جي ٻگهي متل، هر روز موٽر سائيڪل ڦر، چوري جي وارداتن جي هجڻ بعد ڏينهن ڏٺي چور گهرن ۾  گهڙي پنهنجون وارداتون ڪرڻ جو عمل تيز ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ نامعلوم چورن شهر جي مصروف ترين علائقي ابڙا اسٽريٽ ۾ رهندڙ معزور رٽائرڊ ايريگيشن ملازم فريد احمد شيخ جي بند پيل گهر جا ڏينهن ڏٺي تالا ٽوڙي گهر جي الماڙي جا لاڪ ٽوڙي ان ۾ لکين روپين جا سون زيور، هزارين روپيا ڪيش رقم چوري ڪندي فرار ٿي ويا، گهر مالڪ جي پهچڻ تي گهر جا تالا ٽٽل ڏسڻ بعد مذڪوره واردات جو اطلاع هالا پوليس کي ڪيو جنهن پنهنجي روايتي پوري ڪندي واقعي جي اطلاع هجڻ جي ٻه ڪلاڪ دير سان پهچندي گهر مالڪ فريد احمد شيخ کان چوري ٿيل سامان جا تفصيل معلوم ڪيا جنهن ۾ هن هڪ عدد سوني دهري، هڪ سونو سيٽ، ٻه عدد سونيون چوڙيون، هڪ سوني منڊي سميت 10هزار ڪيش رقم چوري هجڻ جا تفصيل لکرايا، هالا پوليس جاء واردات جا مڪمل تفصيل ساڻ ڪندي واپس رواني هجڻ وقت گهر مالڪ کي تصلائي ڏيندي کيس سندس چورايل سامان جلد واپس ملڻ ۽ چورن کي پڪڙڻ جو يقين ڏياريندي واپس رواني ٿي ويئي. ان موقعي تي متاثر گهر مالڪ ٻڌايو ته چورن سندن جمع ڪيل عمر ڀر جي ڪمائي مان گهروارن لاءِ ٺهرايل لکين روپين جا زيور ۽ ڪيش رقم بهاري کيس ڪنگال ڪري ويا آهن هن چونڊيل نمائندن، آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد،کان مطالبو ڪندي هن سندس گهر مان چوري ڪيل زيور ۽ رقم واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.