خيرپور ويجهو کنڀي گم ڪيل نوجوان جي امڙ عدالت پهتي، پٽيشن داخل

خيرپور ( ڊ ر ) خيرپور جي سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي عدالت ڳوٺ باغو ڦلپوٽو جي رهواسڻ مسمات گلان خاتون زال گلزار علي ڦلپوٽو جي  درخواست تي ڪاروائي ڪندي پير ڳوٺ ٿاڻي جي ٿاڻيدار، بي سيڪشن ٿاڻي جي ٿاڻيدار ۽ سي آءِ اي خيرپور جي انچارج کي نوٽيس جاري ڪندي کين حڪم ڏنو آهي ته باندي بڻائيل عبدالجبار ڦلپوٽو کي هٿ ڪري عدالت ۾ پيش ڪرائيو وڃي. واضح رهي ته مسمات گلان خاتون ڦلپوٽو پنهنجي وڪيل جي معرفت سيشن ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندي پوليس مٿان الزام مڙهيو آهي ته انهن سندس جي پٽ عبدالجبار ڦلپوٽو کي کنڀي غائب ڪري ڇڏيو آهي. جنهن پٽيشن کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي عدالت ناحق باندي بڻائيل کي عدالت ۾ پيش ڪرائڻ لاءِ پوليس کي ليٽر جاري ڪري ڇڏيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.