جاجي علي رند جا قاتل آزاد، وارثن جو ايس ايس پي ڄامشورو آفيس اڳيان ڌرڻو

ڪوٽڙي (ت ر) ڪوٽڙي مهينو اڳ بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان حاجي علي رند جي وارثن جو ايس ايس پي ڄامشورو آفيس اڳيان احتجاج نعريبازي حاجي ولي محمد، حاجي سائينداد، حاجي نور محمد،  عاشق رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڄامشورو ڪورٽ کان پيادل مارچ ڪري ايس ايس پي ڄامشورو آفيس جي گيٽ اڳيان احتجاج ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو تہ نوجوان جي قتل کانپوءِ پوليس انصاف ڪرڻ بجاء ڌمڪين تي لهي آئي آهي ۽ جوابدارن جي سپورٽ پئي ڪري ايترو عرصو گذرڻ باوجود پوليس جاچ مڪمل ناهي ڪري سگهي جنهن سبب خدشو آهي تہ ڪيس کي لوڙهيو پيو وڃي هنن مطالبو ڪندي چيو آهي تہ ڪنهن ايماندار آفيسر کي مقرر ڪيو وڃي تہ جيئن انصاف ٿي سگهي ٻي صورت سنڌ جي شعور سميت سموري سنڌ جي رند برادري 22 سيپٽمبر کان باقاعده تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.