نيب جا شاهد به نيب خلاف ٿي ويا، پبلڪ سروس ڪميشن خلاف ناقص جاچ جو به اعتراف، فيصلو محفوظ

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي احتساب عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ 2003 ۽ 2004ع ۾ مختلف پوسٽن لاءِ ورتل امتحانن ۾ نتيجن ۾ ڦيرڦار ڪري من پسند اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏيڻ ۽ ڪرپشن ڪرڻ  بابت داخل نيب ريفرنس تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. ڪالهه احتساب عدالت جي جج انعام ڪلهوڙو جي عدالت ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ 2003 ۽ 2004 جي امتحانن بابت نيب ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران نيب جي 29 شاهدن ۽ وڪيلن دليل مڪمل ڪيا، نيب پاران شاھدن جا رڪارڊ ڪيل بيان به عدالت ۾ پڙھي ٻڌايا ويا، عدالت دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪندي ٻڌڻي 25 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ان موقعي تي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ايڊووڪيٽ ميان اشفاق علي چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي 2003 ۽ 2004 جي امتحانن بابت فائنل آرگيومينٽس ٿيا، نيب 29 شاھدن جا بيان رڪارڊ ڪيا، بيانن کي عدالت سامھون پڙھيو ويو، نيب جي شاھدن عدالت ۾ بيان به رڪارڊ ڪرايو، جڏهن ته29  مان ڪنھن به ھڪ شاھد رزلٽ ٽيمپرنگ جي باري ۾ ناھي چيو، اھڙو ڪو به شاھد ناھي، جنھن نيب جي ڪيس کي سپورٽ ڪئي ھجي. هن چيو ته نيب پاران عدالت ۾ آندل 5 کان 8  شاھدن پاڻ نيب جي خلاف بيان ڏنو آھي، وڪيل موجب نيب جي جنھن  آفيسر جاچ ڪئي، ان جرح ۾ پاڻ مڃيو آھي ته مون کان  جاچ ناقص ٿي آھي، ايڊووڪيٽ ميان اشفاق علي موجب نيب جي جاچ آفيسر مڃيو آھي ته نيب جا 3 آفيسر رضوان سومرو، ضمير عباسي ۽ ثمر قادري ان امتحان جا فيل ٿيل اميدوار آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.