گوادر ڪسٽم 18 ڪروڙ روپين جي منشيات هٿ ڪري ورتي

حب (ن ع آ) گوادر ڪسٽمز وڏي پيماني تي منشيات اندرون ملڪ اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. ترجمان ڪسٽم مطابق  گوادر ڪسٽمز منشيات خلاف ڪارروائي ڪندي ڪورکيڙا ڪسٽمز چيڪ پوسٽ تي 820 ڪلو گرام اعلى ڪوالٽي جي چرس هٿ ڪئي. ان جي قيمت  18 ڪروڙ روپيا ٺهي ٿي. اطلاعن مطابق ڪوئيٽا ڪراچي مين آر سي ڊي روڊ تي واقع ڪورکيڙا ڪسٽمز چيڪ پوسٽ تي هڪ آئل ٽينڪر کي جڏهن روڪڻ لاءِ اشارو ڪيو ته ڊرائيور ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪسٽمز اختيارين ٽينڪر جو پيڇو ڪيو ته ڊرائيور ٽينڪر ڇڏي فرار ٿيڻ ڪامياب ٿي ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.