بئنڪ مان رقم ڪڍرائي نڪرندڙن کان ڦر ڪندڙ گروهه جو سربراهه سوگهو

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي ۾ رينجرز ۽ پوليس اورنگي ٽائون جي قصبا ڪالوني ۾ ڪارروائي ڪري انتهائي گهربل ڦورو عامر محمد کي  گرفتار ڪري ورتو، رينجرز ترجمان موجب جوابدار پنهنجي ساٿين ارسلان، زاھد ۽ شير خان  سان گڏ ڪورنگي ۾ هڪ بينڪ مان رقم ڪڍرائي ٻاهر نڪرندڙ کان هٿيارن جي زور تي هڪ لک 4 هزار رپيا ۽ موبائل فون ڦر ڪيا هئا، جاچ دوران جوابدار انڪشاف ڪيو ته 2021 ۾ پنهنجي ساٿين راحيل عرف مالو، ريحان، شير خان، ظاهر ۽ ارسلان سان گڏجي ڦر جون مختلف وارداتون ڪيون، جوابدارن جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. ٻي پاسي جوهر آباد پوليس 4 ڪيسن ۾ اشتهاري ڏوهاري گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته جوابدار نويد ولد مير خان کي 120 گرام چرس سميت گرفتار ڪيو ويو ، لياقت آباد پوليس محمد اقبال ولد گلزار کي ۽ ناظم آباد پوليس محمد ابراهيم ولد عبدالرشيد کي ٽي ٽي پستول 30 بور لوڊ ميگزين سميت گرفتار ڪري ورتو. نيو ڪراچي پوليس 12 جوابدار گرفتار ڪيا، جوابدارن وٽان هڪ پستول ريوالور 450 گرام چرس 4 ڪلو چرس ماوا گٽڪا برآمد ۽ چوري جون موٽر سائيڪل هٿ ڪيا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.