ڄام ڪمال 3 آڪٽوبر تي استعيفي ڏئي ڇڏيندو!

اسلام آباد (عوامي آواز  نيوز) بلوچستان جي وڏو  وزارت  لاءِ قدوس بزنجو کي اڳواٽ مبارڪون ملڻ شروع ٿي ويون آهن ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به فون ڪري قدوس  بزنجو کي حمايت جي خاطري  ڪرائي ڇڏي آهي ، ڄام ڪمال ڪرسي بچائڻ  لاءِ سمورين ڪوششن ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ استعيفا ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي، اهڙي خبر اچڻ لاءِ 24 ڪلاڪ انتهائي اهم قرار ڏنا پيا وڃن،  ناليواري صحافي شاڪر سولنگي پنهنجي وي لاگ  ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته خوراڪ کاتي جي صوبائي وزير سردار عبدالرحمان کيتران  جي نياڻيءَ جي شآدي تقريب ٿي جيڪا سياسي بيٺڪ  ۾ تبديل ٿي وئي، شادي تقريب ۾قدوس بزنجو سميت بي اي پي جا 16 ميمبر شريڪ ٿيا جڏهن ته ڄام ڪمال ۽ سندس حامين کي دعوت ئي نه ڏني وئي، تقريب ۾ سردار صالح ڀوتاڻي، ثناءُ  الله بلوچ، اسد بلوچ، اختر لانگو، اسلم ۽ لشڪري رئيساڻي، سعيد هاشمي ۽ ٻيا شريڪ هئا.  جتي قدوس بزنجو کي وڏو وزير ٿيڻ  جون اڳواٽ مبارڪون ڏنيون پئي ويون. ذريعن اهو به ڄاڻايو آهي ته  ڄام ڪمال کي وڏ وزارت تان هٽائڻ کانپوءِ پارٽي  صدارت تان هٽائڻ جي به رٿابندي ڪئي وئي آهي. جنهن کانپوءِ قدوس بزنجو وڏو وزير ٿيو ته سردار صالح ڀوتاڻي پارٽي صدر  ٿيندو يا ٻنهي جي پوزيشن ۾ تبديلي به اچي سگهي ٿي، جنهن کانپوءِ  مرڪز ۾ به پي ٽي آءِ کان الڳ ٿيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، پر سينيٽ چيئرمين  صادق سنجراڻي ان  ۾رڪاوٽ آهي ڇاڪاڻ ته ان جي چيئرمين  شپ به هلي ويندي،آخري اطلاع آهن ته ڄام ڪمال ۽ بي اي پي ۾ طاقتور حلقن جي مداخلت تي معاملا طئي ٿي ويا آهن ته ڄام ڪمال 3 آڪٽوبر تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.