فائيو اسٽار اسپتالون نه گهرجن، ايئن ته ناهي جو ڪجهه ماڻهن لاءِ اهو انتظام ڪيو پيو وڃي: هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور چيو آھي تھ  فائيو اسٽار اسپتال نه گهرجي، سڀني مريضن کي علاج جون سهولتون ڏيو، ننڍن علائقن ۾ ڏسو ته اسپتالن جي ڪهڙي حالت آهي، ڪٿي  ائين ته ناهي جو ڪجهه ماڻهن کي سهولت ڏيڻ لاءِ سڄو انتظام ڪيو ويو آهي، ٻڌايو وڃي ته اين آءِ سي وي ڊي ۽ ضلعي اسپتالن جي بجيٽ ڪيتري آهي؟عدالت ناڻي کاتي جي سيڪريٽري سميت ٻين کي 14آڪٽوبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي . سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عدنان ڪريم تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ اين آءِ سي وي ڊي جي برطرف ڊاڪٽر جي درخواست تي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي جسٽس صلاح الدين پنهور اسپتال جي وڪيل سينيٽر رضا رباني سان مخاطب ٿيندي چيو ته ٻين اسپتالن جو ڪهڙو ڏوهه آهي، اهي مثالي ڇو نٿا بڻايو؟  مطلب حڪومت سرڪاري اسپتالن کي بهتر ڪرڻ بدران اُنهن کي خانگائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ڇا انڊس اسپتال زميني حقيقت ناهي؟ ڪٿي انڊس ۽ ڪٿي سول اسپتال، سٺي ڊاڪٽر کي 20 لک رُپيا پگهار ڇو نٿا ڏيو، پرائيويٽ پريڪٽس ڇو؟ رباني صاحب! توهان قانوندان ۽ قانون ساز آهيو، ٻڌايو ته ڪهڙو قانون هجڻ گهرجي؟ رضارباني چيو ته زميني حقيقتن جو جائزو وٺڻ گهرجي .درخواست گذار جي وڪيل نعيم اقبال چيو ته گذريل 5سال ۾ سنڌحڪومت 40ارب رپيا اسپتال کي ڏنا .هي رپيا صرف اوزار ۽ پگهارن جي لاءِ هئا .ڊاڪٽر نديم قمر چيو ته اسان وٺڻ سرجرن جو تعداد وڌيڪ آهي.عدالت اين آءِ سي وي ڊي ۾ ڊاڪٽرن جي پگهارن جا تفصيل طلب ڪري ورتا.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.