سنڌ جي ڪاليجن ۾ 16 ساله ڊگري پروگرام جو حڪم، فراڊ پيو ٿئي: هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل )سنڌهاءِڪورٽ سنڌ جَي 340 ڪاليجن  ۾ يونيورسٽين جهڙيون سهولتون ڏيڻ ۽ 16 سالن جِي ڊگري وارو پروگرام شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ، عدالت  تعليمي ماهرن تي ٻڌل  ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي . عدالت سيڪريٽري تعليم سان مخاطب ٿيندي چيو ته 40 سالن کان شاگردن سان فراڊ ٿي رهيو آهي، نيٺ اُهو ختم ڪڏهن ٿيندو؟، 16سالن وارو ڊگري پروگرام  ٽن مهينن اندر شروع ڪري شاگردن کي پنهنجن ضلعن ۾ يونيورسٽين جهڙيون سهولتون ڏيو،  پهرين مرحلي ۾ 60 ڪاليجز ۾ شاگردن کي داخلا ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي.سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سنڌجي تعلميي ۾ سڌجي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي .عدالت گريجويشن جي 16سالن جي ڊگري شروع نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته خانگي يونيورسٽيون ڪورس جي نالي تي عوام سان  فراڊ ڪري رهيون آهن .جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته 14سال جي ڊگري ۾ نه پرڏيهه ۾ نوڪري ملي ٿي  نه وري يونيورسٽي ۾ داخلا ملي ٿي. جيڪي يونيورسٽيون گريجوئيشن چئن سال ۾ نه ڪرائن انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي .اهڙي طرح سنڌ جي ٻارڙن کي پرڏيهه  ته ڇا پنجاب ۾ به داخلا  نٿي ملي .هي  سنڌ جي ٻارڙن سان ظلم آهي. تعليم کاتي جي سيڪريٽري  غلام اڪبر لغاري انتظامي خرابين جو  اعتراف ڪيو .هن چيو ته اسان کي اختيار نه آهي ته اسان ڪم نه ڪندڙن استادن کي عهدي تان هٽائي سگهيو اسان کي ان ڳالهه جو افسوس آهي ته سنڌ ۾ صورتحال تمام خراب آهي .استادن کي خبر آهي ته کين برطرف ڪير به نٿو ڪري سگهي. عدالت  چيو ته بدقمستي سان اوهان جا ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ نه پڙهندا آهن . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.