گھوٽڪي ۾ پ پ جي کليل ڪچهري، عوام پاران شڪايتن جا انبار

گھوٽڪي ۾ پيپلزپارٽي پاران کليل ڪچهري ڪوٺائي وئي جنهن ۾ عوام شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا
گھوٽڪي سرڪٽ هائوس ۾ کليل ڪچهري ڪوٺائي وئي جنهن ۾ صوبائي وزير ڄام خان شورو، وڏي وزير جي خاص مددگار بنگل خان مهر، پي پي ضلعي صدر بابر خان لنڊ، ڊي سي گھوٽڪي محمد عثمان عبدالله، ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل ۽ ٻين ڪامورن شرڪت ڪئي جتي عوام پاران گهوٽڪي شهر اندر صفائي سٿرائي، پاڻي جي کوٽ ۽ امن امان جي صورتحال جا مسئلا اٿاريا، کليل ڪچهري ۾ ميونسپل ملازمن احتجاجي بينر کڻي پاڻ کي بحال ڪرائڻ لاءِ نعريبازي ڪئي، هوڏانهن ايريگيشن جي ملازمن به مسئلن جي حل لاءِ آواز اٿاريو جنهن تي صوبائي وزير سيڪريٽري ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر کي حڪم ڏنو ته انهن مسئلن کي هڪ مهيني اندر حل ڪري رپورٽ ڏني وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.