هڪ نه ٻه پاڪستان آهن: شيري رحمان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شيري رحمان حڪومت طرفان وزيراعظم کي ملندڙ تحفن جا تفصيل نه ٻڌائڻ تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.

پنهنجي بيان ۾ شيري رحمان چيو ته هي هڪ نه ٻه پاڪستان آهن، نئون پاڪستان ٺاهيندڙ احتساب کان ايڏا ڊنل ڇو آهن؟

هن چيو ته حڪومت وزيراعظم کي ٻاهرين ملڪ دورن ۾ ملندڙ تحفن جا تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪري رهي آهي، جڏهن ته پ پ خلاف توشه خانه ريفرنس هلي رهيو آهي.

سندس موجب ڪابينا ڊويزن چئي رهي آهي ته تحفن جا تفصيل ٻڌائڻ سان ٻين ملڪن سان لاڳاپا خراب ٿيندا، حڪومت ته ماضي جي حڪومتن کي ٻاهرين ملڪ دورن تي ملندڙ تحفن جي نيلاميءَ جو فيصلو ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.