نيوزي لينڊ ۽ انگلينڊ ۾ به حملا ٿيا، ماڻهن کي اهي ڇو ياد ناهن؟: ڊيرن سيمي

 

ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ پشاور زلمي جي ڪوچ ڊيرن سيمي جو چوڻ آهي ته نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ ۾ به حملا ٿيندا آهن پر ماڻهو ان کي وساري ڇڏيندا آهن.

نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته نيوزيلينڊ جي ٽيم جو واپس وڃڻ تمام مايوسي جهڙي ڳالهه آهي، اهو مان نه پيو سوچي سگهان ته ايترو ڪجهه ٿيندو.

جيتريون پي سي بي، حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز ڪرڪيٽ جي بحالي جي لاءِ ڪوششون ڪيون آهن ان جي باوجود اهڙي عمل تي تمام گهڻي مايوسي ٿي آهي.

مان 6 سالن کان وٺي پاڪستان ويندو رهندو آهيان، پي ايس ايل جو پهريون فائنل جڏهن لاهور ۾ کيڏو ويو، اتي اسان جي ذهن ۾ سيڪيورٽي جي ڪائي سوچ نه هئي.

ڊيرن سيمي جو چوڻ هو ته پهريان ماڻهو پڇندا هئا ته ڇا پاڪستان وڃڻ محفوظ آهي، پر هاڻي جڏهن ڪرڪيٽر پاڪستان وڃڻ بابت پڇن ٿا ته سيڪيورٽي جو نه ٿا پڇن کائڻ پيئڻ واري جڳهن جي باري ۾ سوال ڪن ٿا.

ماڻهو اهو وساري ڇڏيندا آهن گذريل 6 سالن ۾ نيوزيلينڊ، انگلينڊ ۾ به حملا ٿيا، ورلڊ ڪپ 2015 کان پهريان آسٽريليا جي شهر برسبين ۾ به  اهڙي صورتحال ڏٺي وئي.

انگلينڊ سان گڏ پاڪستان ۾ ميچ کيڏڻ جي باري ۾ فيصلو ڪرڻ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪٿي به سيڪيورٽي خدشا ٿيا ته انهن سان منهن ڏيڻو پوندو، تنهن هوندي به جيڪڏهن انتظاميه خاطري ڪرائي ته اهي ڳالهيون مڃڻيون پونديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.