فائزر ويڪسين جا ٻارن لاءِ اثر سامهون اچي ويا

فائزر/ بائيو اين ٽيڪ جي تيار ڪيل ڪووڊ 19 ويڪسين 5 کان 11 سالن جي ٻارڙن جي لاءِ محفوظ ۽ بيماري کان بچائڻ ۾ اثرائتي آهي.

اهڙي ڳالهه فائزر جي چيئرمين ۽ سي اي او البرٽ بورلا پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چئي آهي ته اسان ٻارڙن کي ويڪسين کان تحفظ فراهم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون ۽ انهيءَ جي لاءِ ريگوليٽري منظوري جا منتظر آهيون.

خاص طور ان وقت جڏهن ڪورونا جو قسم ڊيلٽا ٻارڙن ۾ تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي ۽ انهن لاءِ خطرو بڻجي وئي آهي.

سندس چوڻ هو ته جولاءِ کان آمريڪا ۾ اتان جي رهندڙ ٻارڙن ۾ ڪووڊ 19 ڪيسن جي شرح ۾ 240 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جنهن سان ويڪسي نيشن جي ضرورت سامهون آئي آهي.

فائزر طرفان 5 کان 11 سالن جي 2268 ٻارڙن کي ٽرائل جو حصو بڻايو ويو.

انهن ٻارڙن کي فائزر ويڪسين جون 2 خوراڪون استعمال ڪرايون ويون پر ان جو مقدار 12 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جي مقابلي ۾ گهٽ رکيو ويو.

ڪمپني ٻڌايو ته ٽرائل ۾ 5 کان 11 سال جي عمر جي ٻارڙن ۾ ويڪسين محفوظ۽ برداشت جوڳي ثابت ٿي آهي جڏهن ته ان سان وائرس کي ناڪاره بڻائڻ وارو مضبوط اينٽي باڊي به ٺهيو.

فائزر ۽ بائيو اين ٽيڪ طرفان اهڙي ڊيٽا هاڻي يو ايس فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن ( ايف ڊي اي) يورپين ميڊيسين ايجنسي ۽ ٻين ريگوليٽرز سان شيئر ڪئي ويندي ۽ آمريڪا ۾ ايمرجنسي استعمال جي منظوري جي درخواست به جمع ڪرائي ويندي.

ايف ڊي اي فائزر ويڪسين کي پهريان ئي 16 سال يا ان کان وڌيڪ عمر وارن ماڻهن جي لاءِ مڪمل منظوري ڏني آهي. جڏهن ته 12 کان 15 سال وارن جي لاءِ ايمرجنسي منظوري حاصل ڪئي وئي آهي.

فائزر جي چيئرمين جو چوڻ هو ته ٽرائل جي نتيجن 5 کان 11 سالن جي ٻارڙن جي ويڪسي نيشن جي منظوري جي لاءِ مضبوط بنياد آهن ۽ اسان جلد ئي ريگوليٽرز سان منظوريءَ لاءِ رابطو ڪنداسين.

فائزر/ بائيو اين ٽيڪ جي طرفان 2 کان 5 سال جي عمر  ۽ 6 مهينن کان 2 سالن جي ٻارڙن کي به ويڪسين جو ٽرائل ٿي رهيو آهي. جن جا نتيجا هلندڙ سال ڪنهن وقت به سامهون اچي سگهن ٿا.

فائزر کي آمريڪا ۾ 12 سال يا ان کان وڌيڪ عمر وارن ماڻهن جي لاءِ ويڪسين جي ٽئين خوراڪ جي استعمال جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ هي بوسٽر ڊوز ان ماڻهن جي لاءِ هوندو جن جو مدافتعي نظام ڪمزور هوندو.

پر ايف ڊي اي جي طرفان سڀني ماڻهن لاءِ بوسٽر ڊوز جي فراهمي واري حڪومتي منصوبن کي رد ڪندي چيو ويو آهي ته هن وقت ٽيئن خوراڪ 65 سال يا ان کان وڌيڪ عمر وارن ماڻهن کي ڏني ويندي جن ۾ ڪووڊ 19 جي سنگين شدت جو خطرو هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.