ڪراچي: پيءَ طرفان ڌيءَ کي قيد ۾ رکڻ جو انڪشاف

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پيءَ طرفان ڌيءَ کي قيد ۾ رکڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

ڪراچي ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي پيءَ ۽ چاچي طرفان قيد ڪيل ناريءَ کي آزاد ڪرائي ورتو.

ايس پي ملير موجب شرافي ڳوٺ پوليس معين آباد نمبر هڪ ۾ ڪارروائي ڪندي گهر ۾ قيد ناريءَ کي آزاد ڪرايو.

هن ٻڌايو ته پوليس اهڙي ڪارروائي مددگار 15 جي اطلاع تي ڪئي، 16 ورهين جي ناري عليشبه کي زنجيرن سان ٻڌو ويو هو.

آزاد ڪرايل ناري عليشبه جو موقف آهي ته کيس پيءَ ۽ چاچي ٻڌي رکيو هو، پوليس ناريءَ کي ٿاڻي منتقل ڪري پيءَ ۽ چاچي جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

ايس پي ملير جو چوڻ هو ته واقعي جي حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.