نااهلي ڪيس ۾ فريال ٽالپر کي جواب جمع ڪرائڻ جو آخري موقعو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن نااهلي سنڌ اسيمبلي ميمبر فريال ٽالپر کي جواب جمع ڪرائڻ جو آخري موقعو ڏئي ڇڏيو.

اليڪشن ڪميشن ۾ فريال ٽالپر نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي فريال ٽالپر جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ جو مددگار پيش ٿيو.

مددگار وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ جي غير حاضري تي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪئي ۽ چيو ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي درخواست اڳ ئي خارج ڪري چڪي آهي، خارج ٿيل درخواست بحالي لاءِ فيصلو چئلينج ڪيل آهي.

پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ فريال ٽالپر جون اپيلون خارج ڪري چڪي آهي، جنهن تي مددگار وڪيل چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيل آهي، مناسب هوندو ته اڳ ۾ درخواست تي اسان جي اعتراض جو فيصلو اچڻ ڏنو وڃي.

اليڪشن ڪميشن فريال ٽالپر کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ آخري موقعو ڏئي ڇڏيو، گڏوگڏ ٻڌڻي 29 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.