مفتي عزيزالرحمٰن جي ٽن سالن تائين شاگرد سان زيادتي جو انڪشاف

 

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ مدرسي جي شاگرد سان بدفعلي واري ڪيس ۾ پوليس جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مفتي عزيز الرحمٰن پنهنجي شاگرد کي امتحان ۾ پاس ڪرڻ جو واعدو ڪري لڳاتار ٽن سالن تائين بدفعلي جو نشانو بڻايو.

پوليس طرفان جاچ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ عدالت ۾ جمع ڪيل چالان جي ڪاپي موجب شاگرد ٻڌايو ته هن 2013 ۾ ڄاڻايل مدرسي ۾ داخلا ورتي ۽ ان وقت کان وٺي تعليم حاصل ڪري رهيو آهي.

شاگرد ٻڌايو ته امتحانن دوران مفتي عزيز الرحمٰن مٿس ۽ ٻين شاگردن تي ڪنهن ٻئي ماڻهو کي امتحان ۾ ويهاري ڪاپي ڪرائڻ جو الزام مڙهيو، جنهن تي وفاق المدارس طرفان ٽي سال پابندي لڳائي وئي.

چالان موجب مفتي عزيزالرحمٰن انکانپوءِ شاگر سان بدفعلي ڪندو رهيو ۽ کيس امتحان ۾ پاس ڪرائڻ ۾ مدد ڪرڻ جي اميد به ڏياريندو رهيو.

هن ٻڌايو ته ٽي سال گذرڻ باوجود جيتوڻيڪ هر جمعي تي مونسان بدفعلي ڪئي ويندي هئي انهن ڪو به ڪم نه ڪيو ويتر مونکي وڌيڪ بليڪ ميل ڪندا رهيا.

نينگر ٻڌايو ته معاملو جامعه منظور الاسلاميه جي انتظاميا اڳيان اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي ته مفتي عزيز الرحمٰن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي هنن منهنجي ڳالهه تي يقين ئي نه ڪيو.

پوليس جي جاچ ۾ چيو ويو آهي انکانپوءِ شاگرد مفتي عزيز الرحمٰن سان سندس آفيس ۾ ڪيترائي ڀيرا ملندو رهيو ۽ ان جي حرڪت کي آڊيو ۽ وڊيو جي صورت ۾ رڪارڊ ڪندو رهيو.

پوليس موجب مفتي عزيزالرحمٰن جا ثبوت انتظاميا کي ڏيکارڻ کانپوءِ انکي مدرسي مان ڪڍيو ويو، جنهن کانپوءِ انهن جي پُٽن شاگرد کي چپ رهڻ لاءِ مبينا طور سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏيندا رهيا.

جاچ ۾ چيو ويو آهي ته مفتي جي ڪمري ۾ موجود صوفا ۽ پردا وڊيو ۾ ڏسي سگهجن ٿا جاچ ۾ اهو به ثابت ٿيو آهي ته جوابدار عزيزالرحمٰن فريادي سان زيادتي ڪئي آهي.

پوليس درخواست ڪئي آهي ته شاگرد سان زيادتي جي ڪيس ۾ 9 ماڻهو گواهه طور پيش عدالت ۾ پيش ٿيندا ۽ جوابدارن خلاف گواهن کي گهرائي ٽرائل شروع ڪيو وڃي.

لاهور جي جوڊيشل ميجسٽريٽ راڻا ارشد مقامي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌني ۽ پوليس کي جوابدار عزيزالرحمٰن کي فرد جرم لاءِ ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.