قاضي احمد ۾ گندگي خلاف شٽر بند هڙتال، احتجاج

قاضي احمد ۾ واپارين پاران گندگي خلاف شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
دڪاندارن حاجي لياقت آرائين، حاجي اعجاز راھو، عبدالشڪور راجپوت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريڊيو بازار، پراڻي بازار، شاهي باراز ۾ مڪمل ڪاروبار بند ڪري ريلي ڪڍي پريس ڪلب قاضي احمد آڏو احتجاجي مظاهرو ڪرري ٽائون انتظاميان خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي، ان موقعي تي دڪاندارن ڳالھائيندي چيو ته ٽائون انتظاميا جي نااھلي ڪري ھر ٻئي ٽئي ڏينھن گٽر اٿلڻ معمول بڻجي ويا آھن جڏهن ته هن دفعي مسلسل هڪ هفتي کان گٽر اٿلڻ سبب گندي پاڻي سان بازارون درياءِ جو ڏيک ڏئي رهيون آھن، ھنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ٽائون انتظاميه ۽ ايڊمنسٽيٽر کي ھٽائي گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال ڪرائي صفائي ڪرائي ڏني وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.