وفاقي حڪومت سنڌ ۾ ڪيو ڇا آهي؟ اويس قادر ڏمرجي پيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير اويس قادر شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ ۾ ڪيو ڇا آهي؟ جيڪي واعدا ڪيا ويا، اهي پورا نه ٿيا، سي ڪي مان ڪراچي سرڪلر ريلوي کي ڪڍي ايم ايل ون ۾ شامل ڪيو ويو.

پنهنجي بيان ۾ اويس قادر شاهه چيو ته گرين لائن پراجيڪٽ نواز شريف 2016 ۾ شروع ڪيو، ان پراجيڪٽ جو ڪيترو ئي انفرا اسٽرڪچر اڃا مڪمل ناهي ٿيو، اسان چيو هو گرين لائن پراجيڪٽ شروع ڪرڻ ۾ تڪڙ نه ڪيو، ايئن نه ٿئي جو ان جو حشر به پشاور ميٽرو جهڙو ٿي وڃي.

هن چيو ته ريڊ لائن پراجيڪٽ جي ڪنسٽرڪشن آڪٽوبر تائين شروع ٿي ويندي، جڏهن ته يلو لائن پراجيڪٽ جو تعميراتي ڪم به جنوري ۾ شروع ٿيندو، ريڊ لائن پراجيڪٽ ۾ بائيو گئس فيول استعمال ڪنداسين.

سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي ماڻهن سان مذاق بند ڪري، وفاق کي ڪجهه ناهي ڪرڻو، جيڪڏهن وفاقي حڪومت سنجيده هجي ها ته ڪي سي آر کي سي پيڪ ۾ شامل ڪري ها.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.